شمشير خان اوزبڪ: مغل بادشاهه جهانگير پنهنجي دور ۾ خان اوزبڪ'>شمشير خان اوزبڪ کي بکر جو حاڪم مقرر ڪري موڪليو. هن بکر خصوصاً سيوهڻ کي چڱو آباد ڪيو ۽ وڏو لشڪر جمع ڪيائين. هن وٽ خاص پنهنجا ست سؤ اهڙا اوزبڪ جوان هئا، جن مان سو سگھارن جوانن کي سدائين جڙائو پٽڪا مٿي تي ٻڌل هوندا هئا ۽ سندن چيلهه سوني خنجر سان سنواريل هوندي هئي. انهن مان هر هڪ وٽ ست اٺ عراقي ۽ ترڪي گھوڙا هوندا هئا، باقي ٻين وٽ صرف ٻه گھوڙا هوندا هئا. هن هر هنڌ مضبوط ٿاڻا قائم ڪري سرحدون مضبوط ڪيون، سندس لشڪر کي ڏسي سميجن، ابڙن توڙي ٻين باغين ڪابه سرڪشي نه ڪئي. ميرزا غازي بيگ ترخان جي وفات کانپوءِ ميرزا رستم قنڌاريءَ سان گڏجي ٽي هزار، چار سو اوزبڪ جنگجو جوانن کي پاڻ سان وٺي ٺٽي روانو ٿيو، واٽ تي سماواتي علائقي وارن سميجن ۽ دلن سان جنگ ڪيائين. ان کانپوءِ شمشير خان جي بدلي واپس آگري ۾ ڪئي وئي.
ڪجھه عرصي کانپوءِ وري ٻيهر هن کي سيوهڻ جو عملدار مقرر ڪيو ويو، هن جي اچڻ جو ٻڌي سميجن ۽ انڙن وري سرڪشي شروع ڪئي، سميجن ڪيترن ئي سوداگرن کي خشڪي ۽ درياهه واري رستي تي تاراج ڪيو. روايت آهي ته هڪ دفعي ڪي سوداگر هزار کن اٺن جي وڳ سان ٺٽي کان بکر پئي ويا، اهي جڏهن هالا ڪنڊيءَ ۾ آيا ته درياءَ جي پرئين پاسي سميجن جو راڄ هو ۽ اورئين پاسي کين جبل جيڏو پنڌ ٿي جھاڳڻو پيو. لاچار ڪي سميجا ساڻ ڪري سميجن واري راڄ مان هلڻ لڳا، اڃا سميجن جي راڄ ۾ مس پير رکيائون ته سميجا سوداگرن سان سڀ اقرار ٽوڙي مٿن ڪاهي آيا ۽ ڌاڙو هڻي سندن سڀئي اٺ ڪاهي ويا.
ٻئي ڀيري ٺٽي جا سوداگر اوني ۽ ريشمي ڪپڙن جون ٻيڙيون ڀري درياهه مان ٿي آيا ته ساڳيا سميجا سوداگرن جي ڪيترن ماڻهن کي ماري سڄو سامان لٽي، ڦري هليا ويا. اها خبر جڏهن شمشير خان کي پئي ته اٽڪل ڪري سوداگرن کان لٽيل مال واپس ڪرايائين ۽ باقي نقصان پاڻ ڀريائين. ان کانپوءِ پنهنجي چالاڪيءَ سان سميجن جو قتل عام ڪرايائين. هن سميجن سان ڳالهه ٻولهه ڪري کين پيش پوڻ جي تاڪيد ڪئي. سڀئي سميجا هٿيار ڦٽا ڪري امن سان رهڻ لڳا. اهو ڏسي تاريخ مظهر شاهجهانيءَ جي مصنف يوسف ميرڪ شمشير خان کي صلاح ڏني ته اهڙو موقعو وري هٿ نه ايندو. سميجن تي لشڪر چڙهائي هزارن سميجن جا سر قلم ڪيا ويا، ڇاڪاڻ ته سميجا بنا هٿيارن جي هئا. ان کان سواءِ سميجا ۽ هوسڙا قبيلي جي ڏيڍ سو ماڻهن کي سوريءَ تي لٽڪايو ويو ۽ انهن جون ملڪيتيون ضبط ڪري ڇڏيائين. اهو لقاءُ ڏسي سميجا ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ لڪي رهڻ لڳا.
هڪ دفعي چانڊين باغبانن ۽ ڳاهن واري پرڳڻيءَ ۾ اڪبرآباد تائين ڦرلٽ شروع ٿي ڪئي ۽ زوريءَ ماڻهو کڻي ٿي ويا. انهن پرڳڻن جي رعيت شمشير خان وٽ دانهن کڻي وئي، شمشير خان انهيءَ وقت چانڊين تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ اٿي هليو. يوسف ميرڪ جي چرچ تي جاسوسي ڪندو اچي چانڊين جي مٿان ڪڙڪيو، پر چانڊيا خبردار هئا ۽ اهي جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويا ۽ مٿان شمشير خان ۽ ان جي لشڪر تي تيرن جو مينهن وسايائون، ان کانپوءِ دهل وڄائڻ لڳا. تڏهن شمشير خان پنهنجي سپاهين کي حڪم ڏنو ته جوئر جو فصل (جيڪو اڃا ڪچو هو) تلوارن سان ڪپڻ شروع ڪري ڏين. جيئن چانڊيا پنهنجي اکين سان پنهنجو ذيان ٿيندي ڏسن ۽ کين سبق ملي، پر چانڊيا نه هيسيا، مجبوراً پنهورن کي وچ تي آڻي پاڻ ۾ راضي نامو ڪيو ويو، ان کانپوءِ سيوهڻ ۾ ڪجھه ٺاپر ٿي. بوبڪ پرڳڻي جي باريجن وصوليءَ ۾ ڪا ٿوري گھٽتائي ڪئي، ان تي يوسف ميرڪ جي چرچ تي خان اوزبڪ'>شمشير خان اوزبڪ باريجن تي حملو ڪري سندن ڪيترائي جوان بيگناهه ماري ڇڏيا،ان کان سواءِ انهن جو سردار قاسم باريچو پٽ سميت مارجي ويو. شمشير خان باريچن جي زالن ۽ ٻارن کي قيد ڪيو ۽ مارجي ويل باريچن جون منڍيون کڻي سيوهڻ آيو. آخر بچيل باريچن هن ظالم کي ٻيڻي وصولي ڏئي قيدين کي آزاد ڪرايو. هن جي دور ۾ سنڌ واسين تي ظلم پڻ ٿيا، پر هن بابت يوسف ميرڪ ‘تاريخ مظهر شاهجهاني’ ۾ لکي ٿو ته، “خدا شاهد آهي ته شمشير خان جي عملداريءَ دوران هر ڪو امن ۾ هو ۽ سڀ ڪنهن شڪرانا ٿي ڪيا، مسجدون آباد رهنديون هيون. هي پاڻ به روزي نماز ۽ تهجد جو پابند هو.”