شمع آزادي

شمع آزادي

شمع آزادي

شمع آزادي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ڀيرومل ايسرداس جڳتياڻي ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي جي سر موڙ شاعرن جھڙوڪ: ليکراج عزيز، پرڀو ڇڳاڻي وفا، ڪشنچند بيوس، هري دلگير، هوندراج دکايل، فتح چند بجا سنگهہ، ڏيونداس ڪوڏومل، نرمل جيوتاڻي، ڪي اين واسواڻي، ڇيتن ديو ورما يمراج، ڪنيالعل ٺڪر، حڪيم لعلچند مجروح، ڪيرت ٻاٻاڻي، گلي ڪرپالاڻيءَ جي هندستان جي آزاديءَ دوران هلندڙ تحريڪ ۽ آزادي بابت چيل شاعري شامل آهي. ڪتاب جو مهاڳ خود مرتب جو لکيل آهي. هي ڪتاب قومي ساهتيہ منڊل، حيدرآباد ۽ ڪرمچند نيڀراج ڏيواڻي، چندن اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1944ع ڌاري ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ ڪل 24 صفحا آهن ۽ ڪتاب جي قيمت ٻہ آنا چاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو