شملا مرچ

شملا مرچ

شملا مرچ

شملا مرچ (Bell Pepper): شملا مرچ کي ڪي ماڻهو مٺا مرچ به چون ٿا. انگريزي زبان ۾ ان کي ‘بيل پِيپر’ ۽ ‘جانسس هيڊ’ (Jon’s Head) يا پيپر (pepper)؛ جڏهن ته آسٽريليا، انڊيا، پاڪستان، بنگلاديش، سينگاپور ۽ نيوزيلئنڊ ۾ ڪئپسِيڪم (capsicum) نالن سان سڏيو وڃي ٿو. هي مرچ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مختلف نالن سان سڏجي ٿو. شملا مرچ سوين قسمن، ڪيترن مختلف رنگن ۽ ڊولن جا ٿين ٿا، جن مان پنج قسم رڳو غذائي استعمال طور پوکيا وڃن ٿا. پيروءَ ملڪ لاءِ سمجهيو وڃي ٿو ته اتي ڪنهن به ٻئي ملڪ جي ڀيٽ ۾ شملا جا پنج ئي قسم عام جام ٿين ۽ وڪرو ٿين ٿا. بوليا لاءِ چيو وڃي ٿو ته اتي جهنگلي ڪيپسِيم جا تمام گهڻا قسم کاڌا وڃن ٿا.
شملا مرچ جو سائنسي نالو ڪئپسِيڪم انم (Capsicum annuum) آهي جيڪو ڳاڙهو، پيلو، نارنگي، سائو، چاڪليٽي / ناسي، ونيلا / سفيد يا واڱڻائي رنگ جو به ٿئي ٿو. شملا مرچ جي ورلي، گھٽ ڪوڙن يا تيز مرچن جي قسمن کان الڳ درجي بندي ڪئي وئي آهي ۽ ان کي ’مٺن مرچن‘ جي ٽوليءَ ۾ رکيو وڃي ٿو. اصل ۾ هي مرچ ميڪسيڪو، وچ، اتر ڏکڻ امريڪا سميت ان جي ٻيٽن تي ڪيترن هزارين سالن کان پوکجندو رهيو آهي. جڏهن ته اڄڪلهه سڄيءَ دنيا ۾ ٿئي ٿو. . مسالي، سائي ڀاڄيءَ کان سواءِ دوا طور به استعمال ڪيو وڃي ٿو.
ڪي ماڻهو شملا مرچ جو ٻج کائين ۽ ان جو رس به استعمال ڪن ٿا ته ڪن کي اهي ڪڙا لڳن ٿا. 1493ع ۾ هن مرچن جا ٻج جڏهن اسپين موڪليا ويا ته اتان پوءِ يورپ، آفريڪي ۽ ايشيائي ملڪن تائين پهچي ويا. چين، دنيا جو سڀني کان وڌيڪ شملا مرچ پيدا ڪندڙ ملڪ آهي ان کانپوءِ ميڪسيڪو ۽ انڊونيشيا اچي ٿو.
جڏهن زمين جو گرمي پد ڪجهه گرم يعني 21 ڊگرين کان 29 ڊگرين سينٽي گريڊن جي وچ تي، گهميل، سم ڪلر کان بچيل هجي ته شملا مرچ سٺيءَ طرح سان واڌ ڪن ٿا. ڇو ته، هي مرچ گهڻيءَ گهم ۽ گھڻي گرميءَ کان حساس ٿئي ٿو.
شملا مرچ جي ٻوٽي کي انگريزيءَ ۾ پِيپر (pepper) جو غلطيءَ سان نالو، ڪرسٽوفر ڪولمبس تڏهن ڏنو جڏهن اهو ان کي واپس يورپ کڻي ويو. ان زماني ۾ ڪاري مرچ (pepper corn) جو ٻوٽو (Piper nigrum) جيڪو اصل ۾ انڊيا ۾ ٿيندڙ هو هڪ قيمتي مسالو سمجهيو ويندو هو ۽ جيئن ته يورپ ۾ هر قسم جي ٿيندڙ مرچ کي ‘پيپر’ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، پوءِ کڻي اهو ڪڙو هجي يا تيز، تنهنڪري هن قسم جي نئين مرچ کي، جنهن جو واسطو ڪيپسِيڪم جِينس /جنس سان هو، به پيپر سڏيو ويو. جڏهن ته هن ٻوٽي جي ڪٽنب جو انگريزيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ عام نالو ‘چِلي’ (chilli) اصل ۾ ميڪسيڪن جي نواتل (Nahuatl) ٻوليءَ جي لفظ چليءَ (chilli) يا زليءَ (xilli) تان پيل آهي. شملا مرچ نباتاتي لحاظ کان اصل ۾ هڪ ميوو آهي، پر رڌپچاءَ جي لحاظ کان عام طور تي ان کي هڪ سبزيءَ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
ڪيپسِيڪم جنس جو هي واحد مرچ آهي، جيڪو ڪيپسيسِن (capsaicin) يعني هڪ اهڙو مادو پيدا نه ٿو ڪري جيڪو لعابي استر سان لاڳاپي ۾ اچڻ سان تيز ساڙي جو احساس پيدا ڪري.
ساوا شملا مرچ، پيلن ۽ نارنگي مرچن کان گھٽ مٺا ۽ ڪجهه ڪڙا ٿين ٿا. جڏهن ته ڳاڙهو وڌ ۾ وڌ مٺو ٿئي ٿو. رسيل مرچ جو سواد، پوکيءَ جي حالتن ۽ پوءِ ذخيري ڪرڻ جي طريقن تي مدار رکي ٿو، جڏهن مرچن جي ٻوٽي کي اس ۾ ڇڏي ڏجي ته مڪمل رسجي مٺو ٿي وڃي ٿو ۽ ڳاڙها پٽيل ۽ رسجڻ کان پوءِ ذخيرو ٿيندڙ گهٽ مٺا ٿين ٿا. شملا مرچ ڪيترن طريقن سان کاڌي طور استعمال ڪيو وڃي ٿو جھڙوڪ: ڳترا ڪري سلاد سان، رڌي، تري يا ڪنهن ٻيءَ ڀاڄيءَ سان ملائي به کاڌو وڃي ٿو. اڪثر ڪري هن کي سُڪائي ۽ کٽاڻ ٺاهي به کاڌو وڃي ٿو، سڪائي ان جو پائوڊر يا ڏڏر ڪري سلاد يا سئنڊوچ کان سواءِ يخ ٿيل اسٽيو، شوروي ۽ سالسا، هن جي رس ڪڍي چٽڻيءَ سان ملائي کائڻ سان سوادي لڳي ٿي.
شملا مرچ ۾ وٽامن اَي، سيءَ، اِي ۽ بي1- 3 سميت انٽي آڪسيڊنٽس (antioxidants) جو ججھو ڀنڊار ٿئي ٿو. جڏهن ته ڳاڙهو ۽ سائو پئراڪومئرڪ تيزاب (para-coumaric) سان به ڀريل ٿئي ٿو.
پاڪستان ۾ شملا مرچ ساين ڀاڄين ۾ هڪ اهم ڪيش ڪراپ ٿئي ٿي. هن جي گهڻي پيداوار سنڌ (46917 هيڪٽر)، پنجاب (6400 هيڪٽر) ته ننڍي پئماني تي بلوچستان (2082 هيڪٽر) ۽ خيبر پختونخواه (392 هيڪٽرن) ۾ ٿئي ٿي. جيئن ته پاڪستان جي مختلف صوبن جون موسمي حالتون مختلف ٿين ٿيون، تنهنڪري شملا مرچ هر صوبي ۾ مختلف وقتن تي پوکيا وڃن ٿا.


لفظ شملا مرچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


ڀاڄيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شملا مرچ
سُنڍ
ڀاڄيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون