
شملو ڪلان 1
شملو ڪلان I (Shamloo Kalan I: ماڳ): هيءُ ماڳ ضلعي جند صوبي پنجاب (هندستان) ۾ ڳوٺ شملو ڪلان کان 1.5 ڪلو ميٽر اتر ۾ "03.6'13°21 ڊگريون اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ "58'22°76 ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي واقع آهي. ماڳ جي ڀرسان پڪو رستو گذري ٿو، دڙو ٽن هيڪٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. جڏهن تہ 1.5 ميٽر اوچو آهي، جڏهن سروي ڪئي وئي تہ هتان ‘اوائلي تھذيب '>سنڌو تھذيب ’ (Early Indus Civilization) ۽ ‘بعد سنڌو تهذيبن’ (Post Indus) جي زماني جون وٿون مليون. هتان ڪلاسيڪل يا پڪي سنڌو تھذيب واري زماني جو ٺڪراٺو ڪو نہ ٿو ملي. اوائلي سنڌو تھذيب واري زماني جي ٺڪر ۾ وڏا ٿانوَ، ٿالهيون، پاٽوڙا ۽ ٻين گهر جي ضروري شين جو ٺڪراٺو مليو آهي، جنهن تي چاڪليٽي رنگ جو تھہ چڙهيل آهي. ٺڪر گهڻو ڪري نقشي آهن. پوئين سنڌو تھذيب واري زماني جي ٺڪر ۾ اهڙا ٺڪر مليا آهن جن تي رسيءَ وٽ واري سنڌوءَ جي پوئين دور واري ٺڪراٺي جا چٽ چٽيل آهن. پوئين دور جي ٺڪراٺي ۾ چوڙين جا ٺڪر بہ شامل آهن.
هن ماڳ تان سنڌوءَ جا ٻہ دور ملن ٿا: (1) اوائلي تھذيب '>سنڌو تھذيب (Early Indus Civilization) وارو دور ۽ (2) پويون سنڌو تھذيب وارو دور (Late Indus Civilization). اوائلي سنڌو تھذيب جو زمانو 3300 ق. م کان 2500 ق. م تائين لکيو وڃي ٿو، جڏهن تہ پويون(post) سنڌو تھذيب جو 1700 ق. م کان پوءِ جو زمانو ليکجي ٿو، جڏهن هيءَ تھذيب ڦٽڻ لڳي.