شمني: عربن جي حملي کان اڳ سنڌ جي نيرون ڪوٽ واري علائقي تي شمني نالي حڪمران هو. سندس دور ۾ ٻڌ مذهب جا پيروڪار گھڻا هئا، هي پاڻ به ٻڌمت جو پروهت هو. جيئن سندس نالي مان ظاهر آهي (ٻوڌي پروهتن کي شمن سڏيو ويندو هو) راجا ڏاهر سان سندس سٺا تعلقات هئا. هن دور ۾ سيڪيولر سوچ عام هئي. نيرون ڪوٽ جي تحفظ لاءِ راجا ڏاهر جو پٽ جيسينه مقرر هو، جيڪو شمني سان هر سهڪار ڪندو هو. عربن وقفي وقفي سان سنڌ مٿان 13 حملا ڪيا هئا، جيڪي سڀ هتان جي اصل واسين جي مزاحمت سبب ناڪام ويا، پر چوڏهون حملو عربن جي سوڀ بڻيو. هر حملي ۾ شمني راڄ ڌڻي برقرار رهيو. هن عربن سان وڙهڻ بجاءِ مصلحت ڪئي، ان ڪري نيرون ڪوٽ ۾ ڪابه خوني ڪارروائي نه ٿي.
شمني هڪ چالاڪ ۽ فيصلي جي قوت رکندڙ شخص هو، جيسيتائين محمد بن قاسم جو لشڪر ديبل کان نيرون ڪوٽ تائين پهچي، انهن ستن ڏينهن تائين شمني راجا ڏاهر وٽ هليو ويو ۽ لشڪر جي پهچڻ شرط چالاڪي ڪندي پهتو ۽ نيرون ڪوٽ جا بند دروازا کولرايا. عرب مؤرخ علي حامد ڪوفي مطابق محمد بن قاسم، شمني جو شڪريو ادا ڪيو ۽ حجاج ڏانهن خط لکي نيرون وارن جي وفاداري ۽ فرمانبرداريءَ جي خبر ڏني. بعد ۾ نيرون ڪوٽ جون بازارون آباد ٿيون ۽ وڻج واپار شروع ٿيو. ٻي ڏينهن شمني بي انداز تحفن ۽ نذرانن سان گڏ محمد بن قاسم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. ايتري تائين جو شمنيءَ جي آڏو ئي محمد بن قاسم ٻڌمت جا بت خانه ۽ عبادتگاهون ڊهرايون ۽ پوءِ اتي هڪ مسجد تعمير ڪرائي ۽ نيرون ڪوٽ تي هڪ گورنر مقرر ڪيو. محمد بن قاسم شمنيءَ کي راجا ڏاهر ڏانهن آڻ مڃڻ لاءِ موڪليو، پر راجا پنهنجي ڌرتي عربن کي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. (محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي وچ ۾ جنگ هن ڳالهه کان پوءِ لڳي هئي.) گڏوگڏ هن سامان جي رسد پڻ نيرون ڪوٽ ڏانهن روڪي، جنهنڪري عرب لشڪر کي غذائي کوٽ سان منهن ڏيڻو پيو. جنهن بعد شمنيءَ کي مختلف علائقن مان بندوبست ڪرڻ جو چيو ويو. هي ڊپ مان هر ممڪن مدد لاءِ ڊڪندو رهيو. ڪيترائي قومي سوچ جا محقق کيس بزدل ۽ غدار ليکين ٿا. ائين آهي ته هي پهريون ماڻهو هو، جنهن ڌارين کي ڌرتيءَ تي جاءِ ڏني.