شميم آرا

شميم آرا

شميم آرا

شميم آرا (اداڪارہ): پاڪستاني فلم انڊسٽري جي مقبول اداڪاره، هدايتڪاره ۽ پروڊيوسر شميم آرا جو جنم 1938ع ڌاري عليڳڙھہ، هندستان ۾ ٿيو. سندس اصل نالو پتلي ٻائي آهي.
هن پنھنجي فني سفر جي شروعات 1950ع جي ڏهاڪي کان ڪئي. سندس پهرين فلم ’ڪنواري بيوھہ‘ 1956ع ۾ رليز ٿي، ساڳئي سال 1956ع ۾ رليز ٿيل سندس ٻي فلم ’مس 56‘ ڪو خاص تاثر قائم ڪري نہ سگهي ۽ ڏسندڙن ۾ ناڪام رهي. 1958ع ۾ هن ’انارڪلي‘ فلم ۾ نورجھان سان گڏ معاون اداڪارہ طور ڪم ڪرڻ سان گڏ هڪ ٻي فلم ’واھہ ري زماني‘ ۾ اداڪاري ڪئي. پرڪشش چهري، وڻندڙ آواز، ڊگهي قد ۽ مڪالمن جي بھترين ادائگي سبب هن مختصر عرصي ۾ فلمي دنيا اندر اهم حيثيت حاصل ڪئي. سندس مشھور فلمن ۾ ‘ڀاڀي’، ‘روپ متي باز بھادر‘، ’سهيلي‘ 1960ع، ’انسان بدلتا هي‘، ’زمانه ڪيا ڪھي گا‘، ’آنچل‘، پاڪستان جي پهرين رنگين فلم ’نائله‘ 1965ع، ’دوراها‘، ’لاکون ۾ ايڪ‘ 1967ع شامل آهن.
بحيثيت پروڊيوسر سندس فلمن ۾ ’صائقه‘ 1968ع، ’ڀول‘ 1974ع، ’پلي بوائي‘ (پروڊيوسر ۽ هدايتڪاره) 1978ع شامل هيون. هن بي شمار فلمن ۾ بطور هدايتڪاره بہ پاڻ مڃرايو، جن ۾: ’مس هانگ ڪانگ‘، ’مس سنگاپور‘، ’مس ڪولمبو‘، ’ليڊي اسمگلر‘، ’ليڊي ڪمانڊو‘، ’آخري مجرا‘، ’بيٽا‘، ’هاٿي ميري ساٿي‘، ’هم تو چلي سسرال‘، ’مس استنبول‘، ’هم ڪسي سي ڪم نهين‘، ’لوَ 95‘، ’پل دو پل’ ۽ ’ميري اپني‘ شامل آهن. شميم آرا بحيثيت اداڪارہ محمد علي، وحيد مراد، نديم، اعجاز، حبيب ۽ سڌير جهڙن نامور اداڪارن سان گڏ ڪم ڪيو ۽ بطور هدايتڪاره/ پروڊيوسر نئين ٽھي جي نوجوان اداڪارن ۽ اداڪارائن؛ بابر علي، ريما، سعود، ميرا، صاحبه، شان، افصل خان (جان ريمبو) سان گڏجي پڻ ڪم ڪيو. شميم آرا جي پهرين شادي بلوچستان جي رند سردار سان ٿي، جيڪو هڪ روڊ حادثي ۾ وفات ڪري ويو. سندس ٻي شادي ٽي. وي اداڪار فريد احمد سان ٿي، پر گهڻو عرصو هلي نہ سگهي ۽ طلاق ٿي وئي، جڏهن تہ ٽين ۽ آخري شادي فلمي هدايتڪار دابير حسين سان ٿي. شميم آرا تي 2010ع ۾ فالج جو حملو ٿيو، جنهن سبب ڪوما جي حالت ۾ لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ زير علاج دوران 5 آگسٽ 2016ع تي دم ڌڻي حوالي ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.00.00  عيسوي

پاڪستاني فلم انڊسٽري جي مقبول اداڪاره، هدايتڪاره ۽ پروڊيوسر شميم آرا جو جنم 1938ع ڌاري عليڳڙهه، هندستان ۾ ٿيو.


2016.08.05  عيسوي

شميم آرا تي 2010ع ۾ فالج جو حملو ٿيو، جنهن سبب ڪوما جي حالت ۾ لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ زير علاج دوران 5 آگسٽ 2016ع تي دم ڌڻي حوالي ڪيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ادريسي
عبدالقادر بلو
ايس جي ڀاڳيا
بخاري جمال الدين
سرتيز عمادالملڪ
عبدالتواب خان ڊاڪٽر
سيد بچل شاھہ تابش نقوي
خالد وسير
چانڊيو مير محمد خان
قاضي محمد باقر راقم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون