شم يا متو: شم يا متو ٽين جي پتري مان ٺهيل دهلڙيءَ جي شڪل وانگي هوندو هو. مٿان انچ کن قطر واري ويڪري نلڪي لڳندي هئي، جنهن ۾ وٽيل سُٽ جا سڳا وٽي وجھندا هئا، ڍڍر ۾ گاسليٽ وجھي ٻاريو ويندو هو. هيٺيان ٽين جو پورو نلڪي جھڙو اڌ فوٽ جيترو مٺيو هوندو هو، جيڪو ڪنهن چهنبدار ڪاٺيءَ ۾ کپائي، ڪاٺيءَ کي زمين ۾ کوڙي ڇڏبو هو. هيءُ ميلن ۾ اسٽالن ۽ آسڻن اڳيان گھڻي سوجھري لاءِ ٻاريا ويندا هئا. شادين مرادين ۾ به ٻاريا ويندا هئا. ان کانپوءِ چمنين جو رواج پيو.