شنار وادِي
شنار وادِي (Shinar): قديم ميسوپوٽيما موجوده/ هاڻوڪي عراق جي شنار نالي هڪ وادي هئي. جنهن جو احوال پراڻين تاريخن ۽ آسماني ڪتاب ’توريت‘ ۾ به ملي ٿو. هيءَ وادي اتر ۾ بابل/بغداد کان شروع ٿي هيٺ ڏکڻ ۾ دجله ۽ فرات ندين جي ڇوڙ ۽ ايراني نار جي منڍ ۽ ان جي آس پاس تائين پکڙيل هئي. پراڻي پٿر جي دور ۾ زمين جو اهو خط سمنڊ جي پاڻي هيٺ هو جو پوءِ سمنڊ جي کارِي ڍنڍ ۽ ڌُٻڻ (مارش) ۾ تبديل ٿيو، پر آخر ۾ ٻوڏن ۽ مٿين ٻنهي ندين جي لَٽ پوڻ سبب زرخيز زمين ٿي پئي.
هن واديءَ تي انسان جي جياپي ۽ ڀلائيءَ لاءِ سڀ نعمتون موجود آهن، تاريخ جي دور کان ٿورو اڳ ايشيا ۽ آفريڪا کنڊن ڪن هنڌن کي اهو شرف حاصل آهي ته اتي ماڻهن پنهنجون اوائلي وسنديون قائم ڪيون ۽ اتي تهذيب واري دور جي شروعات ڪئي. اهڙن هنڌن مان وڌيڪ ڀاڳوند خطو ’شنار‘ وادي وارو آهي.
سميري اهي پهريان ماڻهو هئا، جن هن علائقي کي وسايو ۽ اتي هڪ (پهرين) تهذيب کي جنم ڏنو. سميري هن واديءَ ۾ اٽڪل 5000 ق.م ڌاري آيا. سُميري اصل ۾ غير سامي نسل جا ماڻهو هئا. اتان جي زرخيز زمين مان فائدو وٺندي ق. م ڌاري شهر ۽ شهري دنيا جون پهريون رياستون قائم ڪيون ۽ دنيا جي پهرين ’ميخي لکت‘ Cuneiform ايجاد ڪري، سُميري دنيا کي مهذب بنايو.
سميرين جي هن آباد ڪيل پرڳڻي کي بائيبل جي قديم عهدنامي (توريت) وارن شروعاتي پنجن ڪتابن/بابن (Pentaleuch) مان پهرين يعني پيدائش (Genesis) واري باب ٻئي ڀاڱي ۾ ’باغ عدن‘ (Garden of Aden) سڏيو ويو آهي، جنهن جي باغياني ۽ سنڀال حضرت آدم کي سونپيل هئي. سميري تهذيب واري ئي حصي ۾ U.R نالي مشهور رياست به هئي جيڪا حضرت ابراهيم جي جاءِ پيدائش ٻڌائي وئي آهي. وادي شنار واري حصي تي سميري تهذيب جي حاڪميت 4000 ق.م کان وٺي اٽڪل 1800 ق.م تائين رهي ان کان پوءِ بابل جي سامي حاڪميت جو دور آيو. سميري اصل ۾ غير سامي نسل جا ماڻهو هئا.