شنبو امير: هي ارغونن ۽ ترخان جي دور حڪومت ۾ امير ۽ وزير طور مشھور هو. ميرزا شاھہ حسن بيگ ارغون سال 960 ھہ/ 1553ع ۾ ٺٽي جي نگراني شنبو نالي هڪ پنھنجي هڪ امير کي ڏني. ڪن روايتن موجب شنبو ميرزا شاھہ حسن بيگ ارغون جو زرخريد غلام هو ۽ بعد ۾ پنھنجي علمي قابليت ۽ خداداد صلاحيتن سبب ترقي ڪندو وڃي ارغون درٻار ۾ امير جي عهدي تي مقرر ٿيو، اڳتي هلي ميرزا شاھہ حسن بيگ ارغون سندس وفاداري، ذهانت ۽ محنت کي ڏسي کيس ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو. ان کانپوءِ ترت ميرزا شاھہ حسن بيگ فالج جي مرض سبب وفات ڪري ويو ۽ ميرزا عيسيٰ بيگ اول ترخان بادشاھہ بڻيو ۽ ترخانن جو دور شروع ٿيو. ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان اول بہ امير شنبو کي ساڳي عهدي تي مقرر رکيو.