شنگرف
شنگرف (Cinnabar): ’شنگرف‘ شوخ ڳاڙهي رنگ جي هڪ اهڙي معدنيات آهي جنهن ۾ پارو (mercury) ۽ گندرف (sulfur) ٿئي ٿو، دنيا ۾ گھڻي ڀاڱي پارو، هن ئي معدنيات مان حاصل ڪيو وڃي ٿو. شنگرف کي انگريزي زبان ۾ سِنبار يا مرڪيوري سلفائيڊ (mercury sulfide) پڻ سڏيو وڃي ٿو، هن جي ڪيميائي نشاني HgS آهي. شنگرف جي عام طور تي سڃاڻپ ان جي شوخ ڳاڙهي رنگ رستي ڪئي وڃي ٿي. شنگرف جي ڳاڙهن قلمن جي چِٽ جو مدار هن ڌاتوءَ جي نج هجڻ تي هجي ٿو. جيڪڏهن نج حالت ۾ هجي ته شوخ ڳاڙهي رنگ جو ٿئي ٿو، پر جي نج حالت ۾ ناهي ته ڀوري ڳاڙهي رنگ، دالچينيءَ جي ڳاڙهي رنگ کان ڳاڙهيءَ پڪل سِر جهڙو ٿئي ٿو. گھڻي ڀاڱي زمين جي مٿاڇري ڀرسان، ٻرندڙن جبلن ۽ گرم چشمن ويجهو لڀي ٿو. شنگرف، 1980ع جي شروع واري ڏهاڪي کان چين جي هونان صوبي مان وڏي مقدار ۾ پيدا ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته اٽلي، ادريا، سربيا، المادين، اسپين سميت ڪيترن ملڪن ۾ هن ڌاتوءَ جا ذخيرا موجود آهن. امريڪا جي ڪن رياستن ۾ شنگرف جون کاڻيون پڻ آهن. جڏهن پارو ڪنهن به ٻئي اصلي ڌاتوءَ (سواءِ پلئٽينم ۽ لوهه) سان ملي ٿو ته ‘پاري ميل’ (amalgam) ٺاهي ٿو. جڏهن ته ‘املگم’ نالي خود به هڪ اهڙي معدنيات آهي، جيڪا چاندي ۽ پاري جو ميل آهي، جڏهن ته عام اصطلاح طور پاري ميل جو مطلب پاري جي ڪنهن به ٻئي ڌاتوءَ سان ملاوت/ پيٺ ورتو وڃي ٿو. املگمن رستي ڪچن ڌاتن مان قيمتي ڌاتو ڪڍيا وڃن ٿا. رومي سلطنت جي دور ۾ شنگرف کوٽي ان مان پارو حاصل ڪيو ويندو هو. اٽڪل 2500 سالن تائين اسپين جو هڪ ڳوٺ المادين (Almaden) شنگرف حاصل ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو رهيو. انگلنڊ ۽ اميريڪا ۾ آرٽسٽن جي ڳاڙهي رنگ کي، جيڪو مرڪيورڪ سلفائيڊ مان هٿرادو طور تي ٺاهيو ويندو هو، ان کي سندور (vermilion) نالي سان سڏيو ويندو هو، جڏهن ته هٿرادو شنگرف گھڻو آڳاٽو پڻ تيار ڪيو ويندو هو. 8 کان 9 صديءَ جي عرب ڪيميادان الجبر پڻ هڪ اهڙي مرڪب جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو گندرف ۽ پاري مان ٺاهيو ويندو هو. جڏهن ته چيني هن رنگ جي تاريخ کان اڳ جي دور ۾ به ڄاڻ رکندڙ هئا. چينين جا ٺهيل شنگرف جي روغن جا مڻيا مشهور آهن.