شهاب الدين شيخ برهانپوري: مسيح الاولياء شيخ جندالله جو پوٽو شيخ شهاب الدين ابن شيخ بابا فتح محمد وڏو حسين و جميل هو. علم و فضل ۾ پنهنجي دور جو عالمن ۾ سر فهرست هو. شيخ شهاب الدين جي ولادت سن 1030هه/ 1621ع جي آخر يا 1031هه/ 1622ع جي شروعات ۾ ٿي. سندن ڏاڏي مسيح الاوليا سندس نالو شهاب الدين رکيو، سندس ولادت کان ترت پوءِ مسيح الاولياء جي وفات ٿي وئي. علمي ادبي گهراڻي ۾ تعليم و تربيت ٿيڻ ڪري هي ننڍپڻ ۾ ئي حافظ قرآن بڻيو. ان کان سواءِ علم قرات جو به وڏو ڄاڻو هو. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد شيخ برهان الدين پنهنجي خانقاهه سان متصل مسجد جي امامت شهاب الدين جي حوالي ڪئي. شيخ شهاب الدين فقھ، حديث ۽ تفسير جي تعليم پنهنجي والد فقيھ، محدث ۽ مفسر بابا فتح محمد کان حاصل ڪئي. جڏهن بابا فتح محمد مديني هجرت ڪري ويو. ان کانپوءِ شيخ برهان الدين جي زير نگراني تصوف، رياضت ۽ مجاهدات جو علم حاصل ڪري خانداني ‘مسندِ ارشادِ هدايت’ (هدايت ڪرڻ واري جاءِ) تي ويٺو. هن کي الله تعاليٰ ديني و دنياوي، ظاهري ۽ باطني نعمتن سان مالامال ڪيو هو. روحانيت ۾ ڪشف جو صاحب هو. خانداني دستاويزن ۽ لک پڙهه مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته، شيخ شهاب الدين جي تمام گهڻي زمين هئي. پر اڌ کان وڌيڪ زمين تي آبادي ۽ وسندي هئي، اها وسندي ‘شهاب الدين پوره’ جي نالي مشهور هئي. سندس وفات جي تاريخ ڄاڻايل نه آهي. سندس مزار سنڌي پوره برهانپور ۾ آهي.