شهاب الدين غوري: معزالدين محمد شهاب الدين غوري، 1149ع ۾ ڄائو. هي مشهور غوري گهراڻي جي خاندان جو سلطان هو. جنهن پنهنجي ڀاءُ غياث الدين سان گڏ 1202ع کان 1206ع تائين هندستان تي حڪومت ڪئي. هن جي دور ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ پهريون ڀيرو مسلمان حڪومت جو بنياد پيو ۽ صدين تائين مسلمانن ڏکڻ ايشيا ۾ حڪومت ڪئي. هن جي حڪومت جون حدون موجوده افغانستان، بنگلاديش، ايران، هندستان، پاڪستان، تاجڪستان ۽ ترڪمانستان تائين ڦهليل هيون.
هن محمد بن سوريءَ جي وفات کانپوءِ 1173ع ۾ غزنيءَ تي قبضو ڪري، غوري خاندان جي حڪومت جو بنياد وڌو. پنهنجي ڀاءُ کي اولهه هندستان جي سرحد ڏانهن موڪلي، ان جي هٿان خوارزمي بادشاهت جا بنياد وڌا. غياث الدين پهريان اولهه هندستان جي ڪجهه حصن تي قبضو ڪيو. 1175ع ۾ شهاب الدين غوريءَ ملتان تي حملو ڪري حامد لوڌيءَ سلطنت کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. ساڳئي عرصي دوران اُچ تي قبضو ڪرڻ کان ٽي سال بعد گجرات تي حملو ڪري هندو راڻيءَ نائيڪي ديويءَ کي شڪست ڏنائين، جنهن بعد پشاور ۽ سيالڪوٽ تي به پنهنجي حڪومت قائم ڪيائين. 1186ع ۾ پنهنجي ڀاءُ غياث الدين سان گڏجي غزنوي سلطنت جو خاتمو آڻي غزنوي حاڪم خسرو ملڪ کي حڪومت مان نيڪالي ڏئي لاهور (پنجاب) تي قبضو ڪيائين. 1191ع ۾ شهاب الدين خيبر پاس واري رستي تان هندستان جي قلعي بند شهر ڀٽنڊا (موجوده پنجاب رياست جي اتر- اولهه سرحد) وٽ راج چوهاڻ'>پرٿوي راج چوهاڻ جي سلطنت تي حملي جو منصوبو جوڙيو. ان مقصد تحت هن قاضي ضياءُ الدين کي قلعي بند شهر ڀٽنڊا جو گورنر مقرر ڪيو. ان دوران کيس خبر ملي ته پرٿوي راج پنهنجي لشڪر سان گڏ قلعي تي حملي لاءِ اچي رهيو آهي. نتيجي طور شهاب الدين جوابي حملي لاءِ پنهنجو لشڪر تيار ڪرائي اڳتي وڌيو. اهڙيءَ ريت ٿانيسر (موجوده هريانا)کان 14 ميلن جي فاصلي تي تراوڙي واري هنڌ ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا. ان ويڙهه دوران شهاب الدين زخمي ٿيڻ سبب پنهنجو لشڪر وٺي واپس موٽي ويو، پر ڪجهه عرصي بعد ٻيهر تراوڙي جي مقام تي راج چوهاڻ'>پرٿوي راج چوهاڻ سان مدمقابل ٿيو. اوچتن حملن ۽ راجپوتن جي مخالفت سبب ان ويڙهه ۾ پرٿوي راج کي شڪست ملي ۽ کيس جنگي قيدي بڻايو ويو. 1193ع ڌاري اجمير رياست پاران ڍل ادا نه ڪرڻ ڪري سندس گورنر قطب الدين ايبڪ، اجمير تي قبضو ڪري غوري سلطنت قائم ڪئي ۽ جلد اتر ۽ وچ هندستان کي پنهنجي حاڪميت هيٺ آندو. جنهن بعد سرسوتي، سامانا، ڪوهرام، حانسي ۽ هندستان جون ڪي ٻيون ننڍيون رياستون ڪنهن ويڙهه کانسواءِ غوري سلطنت ۾ شامل ٿي ويون. آخرڪار ٿوري ئي عرصي ۾ شهاب الدين جو لشڪر دهلي تي حملي آور ٿيو ۽ چندواڙا جي جنگ کان پوءِ ڪنؤج جي راجا، راجا جئچند تي اوچتو حملو ڪري مڪمل راجسٿان ۽ گنگا- جمنا جي اترين حصن تي قبضو ڪيو. هندستان تي فتح حاصل ڪرڻ بعد ايبڪ کي گورنر مقرر ڪري پاڻ، ايران طرفان جنگي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ غزني موٽي ويو.
هن 1200ع ۾ نشاپور تي قبضو ڪيو، سندس ڀاءُ غياث الدين ڪجهه مهينن جي علالت بعد 1202ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ هو پاڻ هندستان مان غور موٽي آيو. 1204ع ۾ خوزامي سلطنت جي دارالحڪومت گڙگنج تي حملي خلاف محمد II، آخوند جي مقام تي کيس شڪست ڏني، جنهن بعد هندستان وڃي ڪجهه عرصو حڪومت سنڀاليائين.
1206ع ۾ هندستان جا سڀ حڪومتي معاملا قطب الدين ايبڪ جي حوالي ڪري پنهنجي لشڪر سان گڏ غزني سلطنت ڏانهن واپس پئي ويو ته سوهاوا جي ويجهو دميڪ جي مقام (موجوده جهلم، پنجاب، پاڪستان) وٽ 15 مارچ 1206ع تي کيس قتل ڪيو ويو. جتي سندس مزار موجود آهي. شهاب الدين غوريءَ کي ڪو به اولاد ڪو نه هو، تنهنڪري سندس قتل بعد غوري سلطنت هيٺين تابعدارن ۾ ورهائجي وئي:
(1) قطب الدين ايبڪ، دهليءَ جو حڪمران ٿيو ۽ دهلي سلطنت قائم ڪيائين. سندس دور ۾:
(2) ناصر الدين قباچه، ملتان جو حاڪم ٿيو.
(3) تاج الدين يلدوز، غزني جي حڪومت سنڀالي.
(4) اختيارالدين محمد بن بختيار خلجي، بنگال جي ڪجهه حصن جو حڪمران ٿيو.
شهاب الدين غوريءَ پاران تراوڙي جي مقام تي هندو راجا پرٿويراج چوهاڻ کي شڪست ڏيڻ سبب کيس مسلمانن جو هيرو تصور ڪيو ٿو وڃي. سندس اعزاز ۾ پاڪستاني فوج طرفان متوسط فاصلي تي هدف ڪندڙ ٽن ميزائلن کي غوري I، غوري II ۽ غوري III جو نالو ڏنو ويو آهي.