مولوي شهاب الدين نهڙي

مولوي شهاب الدين نهڙي

شهاب الدين نهڙي مولوي

شهاب الدين نهڙي، مولوي: نامور ديني عالم، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن مولوي شهاب الدين نهڙي، 1932ع ڌاري ڳوٺ ڪيتار، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر جي مالوند گهراڻي ۾ عبدالله نهڙيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي قرآن شريف جي تعليم گهر ۾ پنهنجي چاچي ميئين جان محمد وٽ پرايائين، جنهن بعد وڌيڪ ديني تعليم لاءِ مدرسه الاشاعت هاشميه، ڪلواري (ڪوٽ غلام محمد) ۾ جيد عالم مولوي غلام محمد آرائينءَ وٽ پڙهڻ ويٺو. جتي مشهور سياستدان رئيس خير محمد خان ڀرڳڙي پڻ سندس هم مڪتب هو. جتان هو 1952ع ۾ فارغ التحصيل ٿيو. هن پنهنجي ڳوٺ ڪيتار ۾ ديني درسگاهه قائم ڪري درس ڏيڻ شروع ڪيو، جتي ٿر جي ڪنڊڪڙڇ کان ڪيترا طالب علم وٽس اچي ديني تعليم حاصل ڪرڻ لڳا، اهو پري وارن ڳوٺن جي شاگردن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو خرچ به پاڻ ڪندو هو. هو ديني عالم هئڻ سان گڏوگڏ راڄ جي فيصلن ۾ ماهر هو، برادري توڙي علائقي واسين جا فيصلا وٽس ٿيندا هئا. پاڻ سخي ۽ مهمان نواز هوندو هو. سندس اوطاق هميشه مهمانن سان ڀريل رهندي هئي. هي لوڪل گورنمينٽ ۾ يونين ڪائونسل تڙ احمد ۽ تعلقي ڇاڇري جو چيئرمين ۽ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر به رهيو. ان وقت هن ڪيترائي سماجي ۽ عام ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا. علائقي ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي ڳوٺ ڪيتار ۾ پرائمري اسڪول ۽ هاءِ اسڪول سان گڏ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪول قائم ڪرايائين. سندس ڳوٺ ۾ پري وارن شاگردن کي سندس گهر مان ماني کارائي ويندي هئي. صحت جي سهولت لاءِ اسپتالون کولرايائين. ڪيترائي کوهه ۽ تلاءَ ٺهرايائين. ڪيترن ئي ماڻهن کي نوڪريون وٺي ڏنائين. هن جو ملڪي سرحدن جي دفاع ۾ پڻ اهم ڪردار رهيو آهي. 1965ع واري پاڪ-ڀارت جنگ ۾ راجستان بارڊر تي پاڪستاني فوج سان سهڪار ڪرڻ تي کيس فوج پاران حب الوطني جي جذبي جي حوالي سان گولڊ ميڊل، سرٽيفڪيٽ ۽ آفرين نامي سان نوازيو ويو.هن جتي سماجي ۽ فلاح ڪم ڪيا، اتي علمي ادبي پورهيو پڻ ڪيو. پاڻ عربي ۽ فارسي زبانن تي عبور رکندو هو. فارسي ۾ شاعري پڻ ڪئي. سنڌيءَ ۾ ٻه ڪتابتحقيق ضياد’ ۽ ‘شرح سراجي’ (ميراث) پڻ لکيائين. ان کان اڳ ڪنهن به عالم ‘شرح سراجي’ سنڌيءَ ۾ نه لکي هئي. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ ‘شهابيه لائبرري’ جو بنياد رکيو، جتي اڄ ٻن هزارن جي تعداد ۾ ديني تاريخي ۽ طبي ڪتاب ۽ ڪيترائي ناياب قلمي نسخا پڻ موجود آهن. هو عمر جي آخري حصي ۾ پنهنجون سياسي ذميواريون پنهنجي ڀاءُ جي حوالي ڪري پاڻ عبادت، مطالعي ۽ تحريري ڪمن ۾ مشغول رهيو.
مولوي شهاب الدين نهڙيءَ، 67 سالن جي ڄمار ۾ 9 جولاءِ 1999ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1999.07.09  عيسوي

مولوي شهاب الدين نهڙي، 1932ع ڌاري جنم ورتو.مولوي شهاب الدين نهڙيءَ، 67 سالن جي ڄمار ۾ 9 جولاءِ 1999ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طاهر القادري علامه ڊاڪٽر
سيد حيدر شاهه1
خير محمد خضري مولانا
حقاني علي محمد مولانا
احمد ٺٽوي ملا
سيد امير محمد شاهه
حسين سنڌي سيوستاني
ديبلي ابراهيم
احمد رضا بريلوي
در محمد سڪندري
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون