شهاب الدين چشتي

شهاب الدين چشتي: نامور صحافي ۽ ايڊيٽر شهاب الدين چشتي 1896ع ڌاري شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق شڪارپور جي علمي ۽ ادبي گهراڻي سان هو. شروعاتي تعليم مقامي طرح حاصل ڪرڻ بعد سندس طبيعت جو لاڙو ادب ۽ صحافت ڏانهن ٿيو. شروعات ۾ مولانا عبدالڪريم چشتي جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪيائين. بعد ۾ هفتيوار اخبار ‘شهباز’ جاري ڪري پاڻ به عملي طور صحافت جي ميدان ۾ آيو. شڪارپور جي مسئلن جي ترجماني ڪندڙ ان اخبار جو چڱو اثر هوندو هو. شهاب الدين چشتيءَ 27 سيپٽمبر 1981ع تي وفات ڪئي.


لفظ شهاب الدين چشتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1981.09.27  عيسوي

شهاب الدين چشتي 1896ع ڌاري شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.27 سيپٽمبر 1981ع تي وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي رضا قاضي
اخلاق جوکيو
غلام حسين منگي
سنتداس ڀاٽيه ناز
شهاب الدين چشتي
جمال الدين لانگاهه
علاؤ الدين نيازي شيخ
الطاف حسين قريشي
اسلم اڪبر قاضي
دوست علي جيسر
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون