شهاڻي (ذات): شهاڻي نالي سان ذاتيون مختلف ذاتين، قبيلن جي نکن ۾ به آهن. لغارين، رندن سميت لاشارين، ٽالپرن ۽ هندن ۾ پڻ شهاڻي ذات سان پاڙا آهن. لغاري ۽ رندن مان هن ذات وارا ٽنڊي محمد خان ۾ رهائش پذير آهن. ‘بلوچ اور اس ڪي قبائل’ نالي ڪتاب جي مصنف شهاڻي رندن جو مڪمل شجرو پڻ ڏنو آهي، جنهن موجب هي هيٺين نک مان آهن. مير خان رند'>چاڪر خان رند، سپاهه دار خان، مير رند خان، بلوچ خان، شهانه خان، شهاڻي بلوچ. ايس صادق، شهاڻي ذات وارن کي لشار ۽ رند لکيو آهي. هو لکي ٿو ته اهي اصل ۾ عام طرح سان رند ئي آهن، جيڪي پاڻ کي هن وقت شهاڻي يا شاهاڻي چوائين ٿا. انهن ۾ هيٺيان ننڍڙا پاڙا پڻ آهن: پازدائي، حمزواڻي، جسڪاڻي، لشڪراڻي، ملاڻي، ميراڻي، سهتاڻي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته هندو ‘شهاڻين’ کي ‘شاهاڻي’ لکيو وڃي ٿو، جيڪو غلط آهي. شهاڻي ‘بٺيجا’ نک مان هندو آهن. سندن ذات جو نالو سندن وڏن پٺيان نه، پر ‘شاهه بهادر’ جي پٺيان پيو آهي. شاهه بهادر، ميرن جي صاحبيءَ ۾ چانڊڪا پرڳڻي جو گورنر ٿيو. جنهن جو هندن سان گهڻو واسطو رهيو، ان نسبت سان اتي جي هندن پاڻ کي شهاڻي سڏايو. اڳتي هلي اهي هندو سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويا. نامور شخصيتون اي. ٽي شهاڻي ۽ پي. ڪي شهاڻي پڻ هن ئي ڪڙم سان وابسته هئا. ‘شهاڻي’ ذات وارا هن وقت سنڌ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي رهائش پذير آهن.