شهمير شاهه ‘شهيد’، سيد : سيد شهمير شاهه جو شمار ٻارهين صدي هجريءَ جي صاحب ڪرامت بزرگن ۽ ڪامل اوليائن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ متعلوي سادات جي جراڙپوٽا خاندان مان هو. ننڍپڻ کان ئي الله لوڪ هوندو هو. ڪيتريون ڪرامتون ساڻس منسوب آهن.
ڪتاب ‘ٽکڙ '>تذڪره شعراءِ ٽکڙ ’ ۾ سيد شهمير جي باري ۾ هن طرح لکيل آهي ته، شهمير شاهه کي سندس مرشد ارشد ميان سيد حاجي شاههرحه جي حڪم تي درياهه رستي لاڙ ۾ آيو ۽ اتي ئي پنهنجو ڳوٺ وسين شهمير شاهه يا شهميراڻي وسين جي نالي سان ٻڌائين. ٻي روايت موجب ديهه هٽڙيءَ ۾ شهمير شاهه ۽ سندس ڀائرن جي زمين هئي. انهيءَ زمين ۾ سندس راڄ جا ٻيا به ڪي سيد ڀائيوار هئا، هڪڙي ڏينهن شهمير شاهه گهر کان ٻاهر ويل هو ۽ اهي ڀائيوار سيد سندس امڙ وٽ آيا ۽ کانئس سندس زمين جو حصو بخشائي ورتائون. جڏهن شهمير شاهه گهر آيو تڏهن اهو احوال ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيس، پوءِ ماءُ جي چوڻ تي لاڙ ۾ آيو. جتي کيس ڪجهه ناڻي ساڻ ۽ ڪجهه مفت زمين ملي، ٿوري وقت کان پوءِ سندس ڀائر پڻ مٽيارين مان لڏي اچي وسين شهمير شاهه ۾ ويٺا، آهستي آهستي ڳوٺ وڌندو ويو ۽ مٽيارين مان ڳنڀير، کٽي، ميمڻ، شيدي، گولا ۽ واڻيا پڻ چڱي تعداد ۾ لڏي اچي آباد ٿيا.
سنڌو درياهه ۾ چاڙهه جي ڪري وسين شهمير شاهه ڳوٺ بچي نه سگهيو، جنهن ڪري وسين شهمير شاهه جي رهاڪن ٽپڙ کڻي درياهه کان ميل کن پري نئون ڳوٺ ٻڌو، انهيءَ ٻئي ڳوٺ کي به شهمير شاهه جي نالي سان سڏيو ويو، پر جيئن ته ڳوٺ کي ٽن طرفن کان پاڻي ڦري آيو، انهيءَ ڪري ان کي شهميراڻي وسين سان گڏ ٽکڙ پڻ سڏڻ لڳا. حاجي محمد صادق شيخ (مٽيارين وارو) کان روايت آهي ته سنڌي ڄام مسجد مٽياري ويجهو واري جاءِ ۾ سيد شهمير شاهه جي کروٿ (ننڍڙي مسجد) هوندي هئي، کيس ٽالپرن جي دور ۾ تاريخ 9 محرم الحرام سن 1232هه/1816ع ۾ ٽکڙ ۾ شهيد ڪيو ويو، جتان کڻي اچي انهيءَ جاءِ تي دفن ڪيائون. سندس تبرڪات مان پڳ ۽ جُتي (چاکڙي) سيد فضل علي شاهه مرحوم باقيل پوٽي وٽ ڪنهن وقت موجود هئي، جڏهن ته سندس لٺ جامع مسجد مٽياريءَ ۾ رکي وئي هئي.