شهمير شاهه مٽياروي، سيد: عالم، محدث ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو همعصر، سيد شهمير شاهه ولد عبدالوهاب جو تعلق مٽياريءَ سان هو. سندس وڏا امير تيمور جي هندستان تي ڪاهه وقت لشڪر سان گڏ سنڌ ۾ آيا ۽ بعد ۾ هتي رهي پيا. سيد شهمير ابتدائي تعليم مٽياريءَ جي عالمن کان حاصل ڪري، پوءِ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان ظاهري علمن ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. تصوف جي سلسلي ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي هٿ تي بيعت ڪري خلافت جو خرقو ڍڪيائين. ان کان پوءِ واپس مٽياري اچي درس و تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين. پاڻ سنت تي عمل ڪرائڻ ۽ اسلامي معاملن جي حمايت ۾ تمام گهڻو توجهه ڏيندو هو، هميشه انهيءَ ڪم ۾ مشغول رهندو هو. هر هڪ ديني ڪم ۾ شاگردن جي جماعت سان مشغول هوندو هو. سيد شهمير شاهه سنڌ جي زندهه رکڻ ۽ اسلامي مقدمن جي حمايت ۾ تمام گهڻو مبالغو ڪندو هو. سدائين انهيءَ ڪم ۾ مشغول رهندو هو، ۽ هر ديني ڪم لاءِ طالب علمن جي جماعت وٺي، دين پاڪ جي تقويت لاءِ دل سان ڪوشش ڪندو هو.
شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي حوالي سان هڪ روايت شهمير شاهه سان منسوب آهي، جنهن جو ذڪر عبدالرسول قادري، ڪتاب ‘مخدوم محمد هاشم ٺٽوي’ جي صفحي 40 تي ۽ دين محمد وفائي، ڪتاب ‘لطف اللطيف’ جي صفحي 91 تي هن ريت ڪيو آهي:
“روايت آهي ته هڪ ڏينهن ڪنهن هندو کان اهڙو لفظ واتان نڪري ويو. جو وقت جي ظاهر پرست مولوين جي طرفان ان کي زوريءَ مسلمان بڻائڻ جو معاملو اٿيو. معاملو سيد شهمير شاهه وٽ پيش ٿيو. سيد شهمير شاهه تحقيق ڪرائي حڪم ڏنو ته هن کي مسلمان بڻايو وڃي. مگر هن مسلمان ٿيڻ کان انڪار ٿي ڪيو. انهيءَ هنڌ ميڙ گڏ ٿي ويو ۽ واڻئي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. ان دوران شاهه لطيف به اتان لانگهائون ٿيو. خلق جو گوڙ شور ڏسي سبب پڇيائين ته کيس سموري ٻڌائي وئي. ان تي شاهه لطيف ماڻهن جي ميڙ اندر لنگهي آيو. ڏٺائين ته ماڻهو واڻئي کي ويڙهيو ويٺا آهن ۽ کيس زوريءَ مسلمان پئي ڪيائيون. شاهه صاحب کي ان تي ڪهل آئي ۽ کيس زوري مسلمان بنائڻ واري عمل تي مٺيان به لڳس. اڳتي وڌي شهمير شاهه کي چيائين: “هي ڇا ڪري رهيا آهيو، ڪنهن ماڻهوءَ کي موچڙن سان به دين تي آڻبو آهي ڇا؟” ائين چئي شاهه صاحب سيد شهمير شاهه کان اجازت وٺي واڻئي جي ماڻهن کان جان ڇڏرائي پاڻ سان وٺي ويو.
سيد شهمير 10 محرم 1177هه/ 21 جولاءِ 1763ع تي مٽياريءَ ۾ وفات ڪئي. سندس مزار مٽياريءَ ۾ آهي.