شهنائي

شهنائي

شهنائي

شهنائي: شرناءِ جهڙو ئي، پر وڄت ۾ مختلف ساز آهي. هن جي ڊيگهه 28 س. م کان 42 س. م ٿئي. شرناءِ کان ٿولهه ۾ ڪي قدر وڏو آهي. چڪوال ۾ پتل جو ’سرڻو‘ استعمال ٿئي، جنهن کي ‘ناشو’ چون. گلگت ۽ بلتستان ۾ ’توتڪ‘، سرحد ۾ ‘سرڻو’، پنجاب ۾ ‘ٽوٽو’ ۽ ‘تري’ ڪوٺجي ٿو. شهنائي سو سال پراڻي ٻٻر، املتاس يا ڪرڙ جي ڪاٺيءَ مان ٺهي، جنهن کي سڌائي ۾ اٺ سوراخ ٿين ۽ هيٺان هڪ سوراخ الڳ جنهن کي ’ٻاٻيهو‘ چون. هي گول ٿئي. مُنهن وٽ توتاري ڪنهن سخت گاهه يا اڄ ڪلهه پلاسٽڪ جي ٺهيل ۽ لڳل هوندي آهي. اها ’توتاري‘ جنهن کي ’تُري‘ به چون مخصوص گاهه مان به ٺهندي آهي، جيڪو صرف ان مقصد سان اتر پرديش، هندستان ۾ پوکيو وڃي ٿو. شهنائي ڦوڪ جو ساز آهي. ڀُوڪر ڏئي توتاري مان آواز ڪڍي نليءَ ڏي موڪلبو آهي ۽ سِڌُ وارن سوراخن تي آڱريون رکي مختلف آواز ڪڍبا آهن. هن مان هلڪي ڦلڪي موسيقي يا اَس جا سر نڪرندا آهن ۽ گيت به ڪڍي سگهبا آهن. آواز ۾ سنڌي شرناءِ کان مختلف آهي. آواز ٿلهو ۽ ڀڀڪيدار هوندو اٿس. بسم الله خان، زوار بسنت جهڙا وڏا فنڪار هن مان راڳ راڳڻي به ڪڍندا هئا. برِصغير ۾ شهنائيءَ جو استاد وڄائڻ وارو بسم الله خان هو. هن ان ۾ ڪمال ڪيو. شرنائي وڄائڻ ۾ صرف ڦوڪ جو ڪمال رکيل هوندو آهي. هن کي شرناءِ، شهنائي ۽ ڪرناءِ به چوندا آهن. پر ٿورو ٿورو فرق سڀني ۾ آيو. ايران جو ترمپيٽ (Trumpet) يا مغربي ڪلارين هن ڪٽنب جا ساز آهن. هن ساز لاءِ مختلف نظريا گردش ڪري رهيا آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته هيءَ ساز اصل ۾ ايران جو آهي ۽ ’بو علي سينا‘ ان جو موجد آهي. هيءَ بانسري (Flute) جي هڪ صورت سمجهڻ گهرجي، جيڪو اڄ کان هزارين سال اڳ لڌو ويو هو. مغلن جي دؤر ۾ چون ٿا ته ايران کان هِت پهتو. هن کي ٽوٽاگزي ۽ آدگزي ڪري به چوندا آهن. مکاويڻا، موهري مڌوڪاري، نفيري، سُندري ۽ سرناٽي به هن ساز جا مختلف علائقن ۾ نالا آهن. ‘آئينِ اڪبريءَ’ ۾ هن ساز کي شهنائي جي نالي سان سڏيو ويو آهي.


لفظ شهنائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو