شهنشاهه

شهنشاهه

شهنشاھہ

شهنشاھہ (Emperor): شهنشاھہ هڪ خطاب آهي. ان جو لفظي ترجمو آهي: ‘شاهن جو شاھہ’. هن جو متبادل انگريزي لفظ Emperor آهي، جيڪو لاطيني ٻوليءَ جي لفظ امپراتور (Imperator) مان ورتل آهي. اوائلي دؤر جي قديم روم جو اهڙو مئجسٽريٽ، جنهن وٽ حڪمراني ۽ رياستي قانون نافذ ڪرڻ جا اختيار هوندا هئا، ان کي ‘امپراتور’ چيو ويندو هو، بعد ۾ اهو اصطلاح رومن فوجي دستا ڪنهن فاتح جرنل لاءِ استعمال ڪرڻ لڳا. جمهوريه روم ۾ سـيـنـيـٽ ڪـنهـن فاتح جرنيل کي مستقل طور امپراتور قرار ڏيندي هئي. نيرو (68-54ع) کان پهريان امپرر لفظ جو رواج نہ ٿو ملي. آگسٽس نالي کان پهرين اهو لڳائڻ جو آغاز ڪيو. بادشاھہ خطاب جو مطلب ڪنهن هڪ علائقي جو حڪمران آهي، جڏهن تہ شهنشاھہ هڪ کان وڌيڪ علائقن تي حڪمراني ڪندڙ کي چيو ويندو آهي. هندستان ۾ مغل حڪمرانن مان شهنشاھہ همايون، شهنشاھہ بابر، شهنشاھہ اڪبر ۽ ايراني شهنشاھہ عباس شاھہ صفوي، شهنشاھہ حسين شاھہ صفوي وغيرہ مشھور آهن.


لفظ شهنشاھہ ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو