شوارين جو محلو: ٺٽي جي قديم آڳاٽي جاگرافي بيان ڪندي پير حسام الدين شاھہ راشدي ‘ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون’ ۾ ڄاڻائي ٿو تہ: ٺٽي جو هڪ محلو ‘شوارين جي محلي’ جي نالي سان مشھور هو. مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته، سيد نور شاھہ، جيڪو پيران پير جي اولاد مان هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي، ان جون جايون شوارين جي محلي ۾ آهن.مير علي شير قانع ٺٽوي جي بيان مان ثابت ٿئي ٿو تہ اهو محلو ‘تحفة الڪرام’ جي تاليف واري سن 1181ھہ/1767ع تائين ۽ ان کانپوءِ بہ موجود هو ۽ انهيءَ زماني ۾ سيد نور شاھہ جي اولاد مان پني لڌو شاھہ هو، جيڪو ڪڇيءَ ۾ بہ رهندو هو ۽ انهن جاين جو پڻ وارث هو.