شوال المڪرم

شوال المڪرم: شوال المڪرم اسلامي هجري سال جو ڏهون مهينو آهي. رمضان المبارڪ کان پوءِ شوال شروع ٿئي ٿو. مسلمان رمضان شريف جا سڄا روزا رکي پهرين شوال تي عيد ملهائن ٿا. انهيءَ عيد کي عيدالفطر چيو وڃي ٿو. ان ڏينهن تي تعاليٰ پنھنجي ٻانهن تي راضي ٿي کين معافي عطا ڪري ٿو ۽ انهن تي خاص رحمت نازل فرمائي ٿو. ان ڪري ان ڏينهن کي ‘يوم الرحمة’ يعني ‘رحمت جو ڏينهن’ پڻ چوندا آهن. لفظ شوال ‘شَوّل’ کان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ‘ڏاچيءَ جو پُڇ مٿي کڻڻ’. عرب هن مهيني ۾ سير سياحت ۽ شڪار لاءِ نڪرندا هئا ۽ ڏاچين تي سوار ٿي انهن کي تيز هڪليندا هئا ۽ ڏاچيون هلڻ وقت پڇ مٿي کڻنديون هيون. ان مناسبت سان هن مهيني جو نالو شوال رکيو ويو. رمضان جي روزن ۾ ڪمي ڪوتاهي دور ڪرڻ لاءِ عيد نماز کان اڳ فطرو ادا ڪرڻ سبب هن مهيني (شوال) کي ‘شھر الفطر’ بہ سڏيندا آهن.
شوال جا خاص واقعا: هجرت کان پوءِ مديني شريف ۾ مهاجرن ۾ پهريون ٻار (حضرت) عبدالله بن زبير ؓ ، شوال المڪرم ۾ ڄائو. حضرت بيبي عائشہ صديق رضي عنھ ۽ حضرت بيبي اُمِّ سلمه رضي عنھ جون حضور ڪريم صلي وسلم جن سان شاديون شوال مهيني ۾ ٿيون. نجران جي نصارن سان حضور ڪريم صلي وسلم جن جو مباهلي وارو واقعو شوال جي چوٿين تاريخ پيش آيو. اُحد جي جنگ 15هين شوال ڇنڇر جي ڏينهن سنہ 3 هجري ۾ لڙي وئي. غزوه خندق جو واقعو شوال 4 هجريءَ ۾ ۽ غزوه طائف جو شوال سنہ 8 هجريءَ ۾ پيش آيو. جنگ قينُقاع سنہ 2 هجري شوال ۾ لڙي وئي، جنهن ۾ يهودين کي مديني مان ڪڍيو ويو. عاد جي قوم تي عذاب پڻ شوال مهيني ۾ نازل ٿيو.


لفظ شوال المڪرمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو