شورتوگائي
شورتوگائي (Shortugai): سنڌو تهذيب جو هيءُ ماڳ 17 ڪلوميٽر دشت قلعي جي اتر- اتر اوڀر ۾، خواجه گهر کان ينگي قلعي (Yangi Qila)ڏانهن ويندڙ روڊ جي ٻنهي پاسي، روڊ ۽ آمون درياهه، افغانستان ۾ "30 '19°37 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ "30 '31°69 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي ماڳ آمون درياهه (Oxus) جي ‘ڪوڪچا’ (Kokcha) ڇاڙهه تي آباد آهي. هي علائقو اتر- اوڀر افغانستان سڏجي ٿو. هي ماڳ ‘ڌاتو پاهڻي دور’ جو ليکيو وڃي ٿو ۽ ٽين هزاري قبل مسيح جي پوئين ڏهاڪي ۽ ٻين هزاري قبل مسيح جي اوائلي ڏهاڪن ۾ پنهنجي جوڀن ۾ هو، جڏهن ته پوءِ به پهرين هزاري قبل مسيح تائين آباد هو. هي ماڳ هن وقت دڙن جي صورت ۾ موجود آهي ۽ سنڌو سلطنت جي ڏوراهين حد (outpost) ڪري ليکيو وڃي ٿو.
هي ماڳ 1975ع ۾ فرينچ قديم آثارن جي هڪ ٽيم کي يوناني شهر ‘آئي خانوم’ (Ai Khanoun) جي ڳولا دوران لڌو هو، جيڪو باختر جي حدن اندر اچي وڃي ٿو. جڏهن هن ماڳ جي کوٽائي ٿي ته هن ماڳ کي اتان مليل وٿن جي آڌار تي هن کي ‘سنڌو تهذيب جي پڪي دور’ (Mature Period) جو شهر قرار ڏنو ويو. ثقافتي ڪُٽي اڍائي ۽ ٽن ميٽرن جي ٿولهه ۾ ملي آهي، جنهن ۾ والار جا چار دور مليا آهن. پهرئين دور جي 50 سينٽي ميٽر ڪٽي، جنهن جي ‘ڪاربان ڊيٽ’ (Carbon Date) ڪڍي وئي ته اها ٽين هزاري قبل مسيح جي نڪتي. هتان ملندڙ ٺڪر سنڌو تهذيب جي ٺڪر جهڙو مليو آهي، جنهن ۾ رانديڪا، ڏاند گاڏيءَ جا ٺڪر جا ٽڪرا، ڪجهه ٽامي ۽ ڪنجهيءَ جا ٽڪرا، سون جا ذرا، شيهي جا ذرا، گول سون جا مڻيا، لاجورد جو پٿر، عقيق (Agate)، ڪجهه ابرف (steatite)، ڊگها سوراخدار عقيق جا مڻيا، پٿر جا مڻيا، ڪورو، تيز پٿر جون ڇلون، ڪوڏن جون چوڙيون، پٿر جا چهنبدار برما، برمن جا مٿا ۽ ڪچيون سرون وغيره مليون آهن، جن کي سنڌو تهذيب جي ماڳن تان مليل وٿن سان ڀيٽي سگهجي ٿو. ٺڪراٺي ۾ هڪ ٿانو مليو، جنهن جي ڪني تي چٽ نڪتل آهن. اهي شيون سنڌو تهذيب جي ماڻهن جون آهن، جيڪي ٻين ماڳن تان به مليون آهن. هتي ڪنهن پوکي راهيءَ جو ثبوت ڪونه مليو، نه وري ڪئنال سسٽم جي موجودگيءَ جا آثار مليا. مليل شين جو واسطو سنڌو تهذيب جي پڪي دور (Mature Period) سان آهي. هي موهين جي دڙي کان 1100 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي، نوشهري کان 890 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي، جڏهن ته هڙپا کان 780 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي منڊيگاڪ ماڳ کان 690 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي، رحمان ڊيري ماڳ کان 600 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ۽ سرائي کولا نالي ماڳ کان 500 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي هي ماڳ موجود آهي. هتي ٻن دڙن کان سواءِ ڌاتو پاهڻي دور جون 10 ڍيريون يا ننڍا دڙا موجود آهن، جن جي به کوٽائي ڪئي وئي، جن جو ڪاربان ڊيٽ ڪرائڻ سان معلوم ٿيو ته انهن دڙن جون عمريون مختلف آهن.
هتان ملندڙ وٿون، مهرڳڙهه جي VII ۽ منڊيگاڪ ماڳ جي IV دور سان ڀيٽڻ جهڙيون آهن. هي ماڳ ڊيگهه ويڪر ۾ تمام ننڍو ۽ ٻن هيڪٽرن جي ايراضي والاري ٿو. هي ماڳ انهي معاملي جو ثبوت آهي ته سنڌو سلطنت ۽ وچ ايشيا جي ماڻهن جا هڪ ٻئي سان گهرا لاڳاپا هئا. هتان ملندڙ وٿن مان اهو به پتو پوي ٿو ته هتان لاجور دي پٿر (Lapis Lazuli) ٻاهر موڪليو ويندو هو. هي ماڳ ‘پڪي هڙاپائي دور’ ۾ سنڌو تهذيب جي واپاري شهر جي حيثيت رکندڙ هو.