شورينگ (ديھہ): هيءَ ديھہ تپي گڏاپ تعلقي ضلعي ملير ڪراچيءَ ۾ آهي. حب ڊيم وارو سڄو علائقو هن ديھہ ۾ آهي. گهاري ۽ ٿاڻي بولا خان کان پنج رستا نڪرن ٿا جيڪي لس ٻيلي ۽ مڪران ڏي وڃن ٿا. انهن مان هڪ رستو گهاري، ڀنڀور، ملير ۽ آسو ڳوٺ کان پوءِ ديھہ صفوران کان گهگهر ۽ لياري کي پار ڪري منگهوپير کان ٿيندو بند مراد وٽان حب اڪري، مسڻ پير، جيڪو ‘ڊاسول واري ڊھہ ’ ۾ آهي، پاٻوڻي جبل تائين وڃي ٿو. هڪ ٻيو رستو گهاري، ڀنڀور، گهگهر، درساڻي ڇني، کرکُري، لنگهيجي، نار ٿر بٺي وٽان، جتي موکيءَ جو مئخانو هو، گڏاپ کان پوءِ مانڊڙي وارو جبل اُڪري لوهارڪي لنگهہ وٽان حب پار ڪري ڌريجي واري رستي سان ملي ٿو. هتان ان اولھہ پاسي ڪجهہ ميلن جي مفاصلي تي پٻوڻيءَ لاءِ رستو نڪري ٿو. نارا ٿر جبل کان هڪ رستو لٽ نئن پار ڪري مهير ۽ ﷲ ڦهائي جبلن مان ٿيندو حسن لڪ، لوهارڪي لنگهہ يا ڊاسول لڳ حب نئن اڪري پٻوڻيءَ ڏانهن وڃي ٿو. روايتن موجب سسئي انهيءَ رستي سان وندر وئي هئي. ‘شورينگ’ يا ‘سورينگ’ هڪ ماڻهوءَ جو نالو هو، جنهن جي نالي پويان هيءَ ديھہ آهي.
• شورينگ، هڪ گاھہ جو قسم بہ آهي. جيڪو جابلو پٽن تي برساتن ۾ ڦٽندو آهي. ‘مري ۽ مڱڙ’ جو عشقيہ داستان بہ هن علائقي سان منسوب آهي. انهي عشقيہ داستان جي هڪ ڪردار مري جي نالي پويان هڪ جبل جو نالو بہ ‘مري جبل’ آهي. هن ديھہ جي ڪل ايراضي 11806 ايڪڙ آهي.