شوڪت حسين رضوي

شوڪت حسين رضوي

شوڪت حسين رضوي

شوڪت حسين رضوي: مشھور فلم ڊائريڪٽر ۽ اداڪار شوڪت حسين رضوي 1915ع ڌاري هندستان جي علائقي مرزاپور ۾ ڄائو، کيس ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ جو شوق هو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ فلمي دنيا ۾ دلچسپي ورتائين. ان دور ۾ هندستان جو شھر ڪلڪتو فلمي دنيا جو مرڪز هوندو هو. هن اتي اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري ڪرڻ سان پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين، جنهن کان پوءِ هي ڪيترن ئي مشھور هدايتڪارن جي تربيت هيٺ رهيو، هن جن فلمن ۾ مختصر اداڪاري ڪئي، تن ۾ ‘قيدي’ ۽ ‘دوست’ فلمون قابل ذڪر آهن. اداڪاريءَ کان پوءِ کيس هدايتڪاريءَ جو شوق جاڳيو، سينيئر هدايتڪارن سان گڏجي فلمون ٺاهڻ لڳو. ان عرصي دوران سندس ڪي فلمون ڪامياب ۽ ڪي ناڪام ويون.
شوڪت حسين 1940ع ۾ لاهور آيو ۽ هتي ‘پنچولي پڪچر’ فلم پراڊڪشن جي مدد سان فلم ‘خاندان’ ٺاهي، جيڪا ڏسندڙن پسند ڪئي، جنهن کان پوءِ هي واپس بمبئيءَ هليو ويو، جتي هن ڪيتريون ئي مشھور فلمون ٺاهيون، جن ۾: ‘دوست’، ‘زينت ’ ، ‘وٽو پرديسي’، ‘هم دوسري ڪناري’ ۽ ٻيون شامل آهن. ‘زينت ’ فلم ۾ پهريون ڀيرو عورتن کان قوالي ڳارائي وئي. ان کان سواءِ دليپ ڪمار جي پهرين ڪامياب فلم ‘جگنو’ بہ هن جي هدايتڪاري جو ڪرشمو هئي، جنهن کان پوءِ شوڪت حسين رضوي هندستان کي خيرباد چئي لاهور ۽ ملتان ۾ سڪونت پذير ٿيو ۽ پاڪستان فلم انڊسٽري لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو، هتي هن ‘شاھہ نور’ فلمي اسٽوڊيو قائم ڪيو، جيڪو پاڪستان جي فلمي صنعت ۾ پهريون اسٽوڊيو هو. پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي فلمون ٺاهيائين، جن ۾: ‘چن وي’، ‘عاشق’، ‘دلهن’ قابل ذڪر آهن. هن ڪيترن ئي نون اداڪارن ۽ اداڪارائن کي فلمي دنيا ۾ متعارف ڪرايو، جن ۾ ميڊم نورجهان، آشا، صبيحا خانم، شاهد علي، وارث احمد، سنتوش جھڙا نالا شامل آهن.
شوڪت حسين رضويءَ پهرين شادي جڳ مشھور گلوڪاره نورجھان سان ڪئي، جنهن مان هن کي ٻہ فرزند اڪبر حسين رضوي، اصغر حسين رضوي ۽ هڪ نياڻي ظِلِ هُما جو اولاد ٿيو. ان کان پوءِ هن ٻي شادي اداڪارہ ياسمين سان ڪئي، جنهن مان هن کي ٽي فرزند: شهنشاھہ رضا حسين رضوي، علي مجتبيٰ حسين رضوي ۽ ناصر رضوي ٿيا.


لفظ شوڪت حسين رضويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو