
شوڪت حسين شاهه (بابو شاهه)
شوڪت حسين شاھہ (بابو شاھہ): ناليوارو سياستدان سيد شوڪت حسين شاھہ عرف بابو شاھہ 4 فيبروري 1953ع تي سجاول لڳ ڳوٺ ٽيماڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو سيد شير علي شاھہ هو. هن 1970ع ۾ هاءِ اسڪول ميرپور بٺوري مان مئٽرڪ پاس ڪئي، ان ئي دور ۾ هن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي،1983ع ۾ جڏهن ايم. آر. ڊي تحريڪ شروع ٿي تہ شاھہ صاحب انهيءَ تحريڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ان تحريڪ کي منظم ڪيو. پاڻ سجاول شھر ۾ هڪ وڏي جلوس جي اڳواڻي ڪري گرفتاري پيش ڪيائين. انهيءَ تحريڪ ۾ حصو وٺڻ تي کيس هڪ سال قيد ۽ ٻہ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. 1986ع ۾ کيس هڪ دفعو ٻيهر گرفتار ڪيو ويو. مارشلائي دور کانپوءِ 1988ع واري اليڪشن ۾ هيءُ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، 1990ع واري اليڪشن ۾ هيءُ ٻيهر صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو.
سيد شوڪت حسين شاھہ 8 نومبر 1990ع تي وفات ڪئي.
1953.02.04 عيسوي
سيد شوڪت حسين شاهه عرف بابو شاهه 4 فيبروري 1953ع تي سجاول لڳ ڳوٺ ٽيماڻي ۾ پيدا ٿيو.
1990.11.08 عيسوي
سيد شوڪت حسين شاهه 8 نومبر 1990ع تي وفات ڪئي.