شوڪت حسين شورو
شوڪت حسين شورو
شوڪت حسين شورو: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ڊراما نگار شوڪت حسين شوري جو جنم 4 جولاءِ 1947ع تي تعلقي ۽ ضلعي سجاول جي ڳوٺ حاجي نور محمد شوري ۾ ٿيو. سندس پيءُ عبدالڪريم شورو زميندار ھئڻ سان گڏ ناليوارو وڪيل ھو، جيڪو پوءِ جج بھ ٿي رھيو. ھن ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم ڳوٺ نور محمد شوري، چانڊيا ھاءِ اسڪول سجاول ۽ سچل آرٽس ڪاليج، حيدرآباد مان حاصل ڪئي. 1968ع ۾ سنڌي شعبي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي. ھن لکڻ جي شروعات شاگردي واري دور ۾ 1964ع ڌاري ڪئي، سندس پھرين ڪھاڻي ”اکيون روئي پيون“ جي عنوان سان 1964ع ۾ ماھوار روح رھاڻ رسالي ۾ شايع ٿي. سندس ڪھاڻين جا چار مجموعا (1) ”گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس“ (1981ع)، (2) ”اکين ۾ ٽنگيل سپنا“ (1983ع)، (3) ”گم ٿيل پاڇو“ (1989ع) ۽ (4) ”رات جو رنگ“ (2011ع) ڇپجي چڪا آھن. ھي پھرين سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيندڙ ماھوار رسالي ”گل ڦل“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. بعد ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي بطور اسڪرپٽ پروڊيوسر پنھنجا فرض سرانجام ڏيندو رھيو، تنھن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اداري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ٿيو. جتان 2006ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. شوڪت حسين 1984ع کان 2013ع تائين ڪيترا ڀيرا سنڌي اديبن جي وفد سان گڏ ھندستان جا دورا ڪيا. ھتان لڏي ويل ھندو سنڌي اديبن سان سندس ادبي ناتا هئا. هن جا ڪيترائي ڊراما مختلف سنڌي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آھن. کيس خدمتن جي مڃتا طور ’بھترين ڪھاڻيڪار‘ ايوارڊ سارنگا پبليڪيشن پاران 2001ع سميت ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز مليا. پاڻ ڳچ عرصو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رھيو. هُن 9 نومبر 2021ع تي ڪراچيءَ جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ وفات ڪئي.
1947.07.04 عيسوي
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شوري جو جنم 4 جولاءِ 1947ع تي ٺٽي ضلعي جي تعلقي سجاول جي ڳوٺ حاجي نور محمد شوري ۾ ٿيو.
2021.11.09 عيسوي
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪھاڻيڪار ۽ ڊراما نگار شوڪت حسين شورو 9 نومبر 2021ع تي ڪراچيءَ جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.