شِوَ مندر ڪراچي: ڪراچيءَ ۾ اسلاميہ ڪاليج کان جيل ڏانهن ويندي کاٻي پاسي پهرينءَ گهٽي ۾ هي مندر آهي. روڊ جي پاسي مندر جي پلاٽ تي قبضو ڪري 2007ع ۾ شو روم ٺهرايو ويو. بچيل مندر سٺي حالت ۾ آهي. هتي هڪ پوڄاري پنھنجي خاندان سان رهي ٿو. انهيءَ مندر جي ٽرسٽ ۾ ورهاڱي کان اڳ هتي 14 بنگلا هئا، جن تي قبضو ٿي چڪو آهي. مندر لڳ کوھہ بہ موجود آهي. ماڙيپور ڪراچيءَ جي پراڻي آبادي آهي. هتي هندن جي وڏي آبادي رهي ٿي. روڊ جي ٻنهي پاسي انهن جون آباديون آهن. انهن کان سواءِ هتي سنڌي ۽ بلوچن جو وڏو انگ رهي ٿو، جيڪي سڀ انگريزن جي دور ۾ ماڙيپور لڳ لوڻ جي ڪارخانن ۾ مزدوري ڪندا هئا. هتي چار پراڻا مندر ۽ ٻہ نوان مندر آهن.