
شو مندر ڪوٽڙي
شو مندر ڪوٽڙي: ڪوٽڙي شھر ۾ سنڌو درياھہ جي ڪپر تي اولھہ کان شو جو قديم مندر قائم آهي. هي مندر تمام گهڻو قديم آهي. ان ۾ شو ۽ پاروتيءَ جون مورتيون رکيل آهن. هر سال سموري هندستان وانگر هتي بہ بھار جي مند اچڻ کان اڳ ۾ مهاشوراتڙيءَ جو ميلو لڳندو آهي. اهو ميلو گهڻو ڪري فيبروريءَ ۾ ملهايو ويندو آهي. هي هڪ خاص هندو تهوار آهي. مهاشوراتڙيءَ جو مقصد آهي “شو جي عظيم رات”. ڪوٽڙيءَ جي شور مندر، سنڌو درياھہ تي ايندڙ ماڻهن لاءِ گهمڻ جو هڪ اهم مرڪز آهي، پٿر جي ٺهيل عمارت ۾ اندر ڪيترا وڻ لڳل آهن، ۽ اتي هڪ پروهت بہ رهي ٿو.