شيام جئسنگهاڻي

شيام جئسنگهاڻي: ديوان امرتراءِ ولد حشمتراءِ 3 جون 1903ع تي ڳوٺ طيب تعلقي رتي ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هو مشھور شاعر، اديب ۽ سماجي خدمتگار ٿي گذريو آهي. ديوان امرتراءِ شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪئي. جڏهن قطع تعلقات تحريڪ شروع ٿي ته هن ان ۾ ڀرپور حصو ورتو. ان دوران فرانس جي رهاڪو ميسو پال رچرڊ سان ڏيٺ ويٺ ٿيس، جنھن جي دعوت تي انگلينڊ، فرانس، مصر، شام، الجيريا، فلسطين ۽ ٻين ملڪن جو سير ڪندي، ديوان صاحب تاريخ ۽ ادب ۾ ڪافي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي ۽ انگريزي ۾ چوڏهن کن ڪتاب لکي ورتائين، بعد ۾ موٽي اچي ڪراچيءَ مان (New Age) نالي هڪ رسالو به جاري ڪيائين ۽ ”اڪبر آشرم“ نالي هڪ تحريري رٿا به مرتب ڪيائين. هن ”شيام“ جي تخلص سان مختلف ٻولين ۾ شاعري ڪئي. غزل، نظم، ڪافي، رباعي، قصيده، وائي ۽ ڀڄن تي طبع آزمائي ڪئي. سندس ڪلام سنڌي، هندي، سرائڪي، فارسي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ملي ٿو. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس ديوان 1934ع ۾ انڊيا مان پڌرو ٿيو. سندس قلمي پورهيي ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن. ”آتم باغ“، ”تون ۽ مان“ ۽ ”دل جي مام“، ”سدا ڀرپور“ گهڻو مقبول آهن. سندس شريڪ حيات، هن جي شخصيت تي جيئري ئي ”جيتامڙي جي ڊائري“ جي نالي سان ڪتاب لکيو. ديوان امرت راءِ ”شيام“ جئسنگهاڻي 12 فيبروري 1988ع تي وفات ڪئي.


لفظ شيام جئسنگهاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1903.06.03  عيسوي

شيام جئسنگهاڻي 3 جون 1903ع تي ڳوٺ طيب تعلقي رتي ديري ۾ پيدا ٿيو


1988.02.12  عيسوي

شيام جئسنگهاڻي 12 فيبروري 1988ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شوڪت حيات خان سردار
بيرنگ فقير
اقرا عزيز
سنڌو راج
ويرو ڪولھي
جلال سيد
راءِ گنگاجر جکرو
غازي فقير ڪلر
رامچندر ڀڳت
حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون