شيام رامسي

شيام رامسي

شيام رامسي

شيام رامسي: بالي ووڊ جي مشهور سنڌي ڊائريڪٽر شيام رامسيءَ 17 مئي 1952ع تي بمبئيءَ ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصلوڪا سنڌ جا رهاڪو هئا، جن ورهاڱي سبب هندستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي. هن جا پنج ڀائر آهن، جن جو گڏيل گروپ آهي، جيڪي بالي ووڊ جون فلمون ڊائريڪٽ ۽ پروڊيوس ڪن ٿا. هن پنهنجن ڀائرن سان گڏجي 1970ع واري ڏهاڪي دوران فلمسازيءَ جو گروپ ٺاهيو. شيام رامسيءَ کي تجربيڪار ۽ سينئر فنڪار جي حيثيت حاصل آهي ۽ پنهنجي گروپ جو سربراهه پڻ آهي. هن پنهنجي فرم پاران ڪيتريون فلمون پيش ڪيون آهن. هيءُ فلمن جو ليکڪ ۽ ايڊيٽر پڻ آهي. شيام رامسيءَ جون ڪافي فلمون مشهور ٿيون، سندس ڊائريڪٽ ۽ پروڊيوس ڪيل فلمن ۾: (1) نقلي شان (1971ع)، (2) انڌيرا (1975ع)، (3) دروازا (1978ع)، (4) اور ڪون (1979ع)، (5) گيسٽ هائوس (1980ع)، (6) ثبوت (1980ع)، (7) دهشت (1981ع)، (8) سناٽا (1981ع)، (9) هوٽل (1981ع)، (10) گھنگھرو ڪي آواز (1981ع)، (11)پرانا مندر (1984ع)، (12) ٽيليفون (1985ع)، (13) ٽهڪنا (1988ع)، (14)ويرانا (1988ع)، (15) پراني حويلي (1989ع)، (16) بند دروازا (1990ع)، (17) عجوبا قدرت ڪا (18) مهڪال (1993ع)، (19) گھٽن (2007ع)، (20) بچاؤ (2010ع) شامل آهن. ان سان گڏ سندس ايڊٽ ڪيل فلمون هيٺيون آهن: (1) ويرانا (1986ع)، (2) کيل محبت ڪا (1986ع)، (3) پرانا مندر (1984ع)، (4) دهشت (1981ع)، (5) ثبوت (1989ع). ان سميت هيءُ ‘بند دروازا’ ۽ ‘گھٽن’ جو پروڊيوسر پڻ رهيو آهي. هيءُ هن وقت بمبئيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.05.17  عيسوي

بالي ووڊ جي مشهور سنڌي ڊائريڪٽر شيام رامسيءَ 17 مئي 1952ع تي بمبئيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄاموٽ سيد حسن علي
راهو علي محمد
سيد جلال شيرازي ٺٽوي
حمل خان جت بلوچ
سليم ڀٽو لطيفي
پوراني ميرڪ سيد عبدالاول الحسيني
در محمد خان مري
اجمل بيگ مرزا
ابن سينا
ڀڳوان اٽلاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون