شيام رامسي

شيام رامسي

شيام رامسي

شيام رامسي: بالي ووڊ جي مشھور سنڌي ڊائريڪٽر شيام رامسيءَ 17 مئي 1952ع تي بمبئيءَ ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصلوڪا سنڌ جا رهاڪو هئا، جن ورهاڱي سبب هندستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي. هن جا پنج ڀائر آهن، جن جو گڏيل گروپ آهي، جيڪي بالي ووڊ جون فلمون ڊائريڪٽ ۽ پروڊيوس ڪن ٿا. هن پنهنجن ڀائرن سان گڏجي 1970ع واري ڏهاڪي دوران فلمسازيءَ جو گروپ ٺاهيو. شيام رامسيءَ کي تجربيڪار ۽ سينئر فنڪار جي حيثيت حاصل آهي ۽ پنھنجي گروپ جو سربراھہ پڻ آهي. هن پنھنجي فرم پاران ڪيتريون فلمون پيش ڪيون آهن. هيءُ فلمن جو ليکڪ ۽ ايڊيٽر پڻ آهي. شيام رامسيءَ جون ڪافي فلمون مشھور ٿيون، سندس ڊائريڪٽ ۽ پروڊيوس ڪيل فلمن ۾: (1) نقلي شان (1971ع)، (2) انڌيرا (1975ع)، (3) دروازا (1978ع)، (4) اور ڪون (1979ع)، (5) گيسٽ هائوس (1980ع)، (6) ثبوت (1980ع)، (7) دهشت (1981ع)، (8) سناٽا (1981ع)، (9) هوٽل (1981ع)، (10) گهنگهرو ڪي آواز (1981ع)، (11)پرانا مندر (1984ع)، (12) ٽيليفون (1985ع)، (13) ٽهڪنا (1988ع)، (14)ويرانا (1988ع)، (15) پراني حويلي (1989ع)، (16) بند دروازا (1990ع)، (17) عجوبا قدرت ڪا (18) مهڪال (1993ع)، (19) گهٽن (2007ع)، (20) بچاؤ (2010ع) شامل آهن. ان سان گڏ سندس ايڊٽ ڪيل فلمون هيٺيون آهن: (1) ويرانا (1986ع)، (2) کيل محبت ڪا (1986ع)، (3) پرانا مندر (1984ع)، (4) دهشت (1981ع)، (5) ثبوت (1989ع). ان سميت هيءُ ‘بند دروازا’ ۽ ‘گهٽن’ جو پروڊيوسر پڻ رهيو آهي. هيءُ هن وقت بمبئيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.05.17  عيسوي

بالي ووڊ جي مشهور سنڌي ڊائريڪٽر شيام رامسيءَ 17 مئي 1952ع تي بمبئيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالستار ڀٽي
جونپوري سيد محمد
انور ضياءُ عباسي
عبدالحڪيم سومرو مولانا
سيد نظر حسين شاه نقوي
ڄام لکپت
حڪيم غلام رسول لاکو
سيد مراد علي شاھہ
انور فگار هڪڙو
چوئٿرام گدواڻي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون