شيام ساڌورام آهوجا

شيام ساڌورام آهوجا: هندستان جي ناليواري سنڌي اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ شيام ساڌو رام آهوجا جو جنم پهرين جون 1945ع تي مدئجي شهر، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. سندس تعليم انٽر آهي. ورهاڱي بعد سندس خاندان هندستان هليو ويو ۽ الهاس نگر ۾ رهائش پذير ٿيو. هن ڪيترن ئي سنڌي، هندي ۽ گجراتي ناٽڪن ۾ اداڪاري ڪئي. جن ۾: ‘ڊاڪٽر مان ڪين تون’، ‘رشتا ناتا’، ‘تنھنجي ئي آڌار جي ضرورت آهي’، ‘جوءِ جي’ ۽ ‘واھہ ڙي زمانا’ قابل ذڪر آهن. هن ڪيترن ئي ناٽڪن ۾ هدايتڪاريءَ جا فرض سر انجام ڏنا، جن ۾: ‘ڪنجوس مکي چوس’، ‘شرابي’، ‘ڪنجوس سھرو’، ‘نٿو چريو’ ۽ ‘غريبون ڪي دنيا’ (هندي) قابل ذڪر آهن. هن ڪجهہ ڊراما پڻ لکيا، جن ۾: ‘ڪنجوس مکي چوس’ ۽ ‘نٿو چريو’ وغيرہ آهن. شيام آل انڊيا ريڊيو تان پڻ ڪيترائي ڊراما پيش ڪيا، جن ۾ گهڻي مقبوليت ماڻي. کيس خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ مليا، جن ۾: ‘نٿو چويو’ ڊرامي تي بھترين اداڪار اوارڊ قابل ذڪر آهي، جيڪو کيس سنڌي يوٿ ائسوسيئيشن پاران مليو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.06.01  عيسوي

شيام ساڌو رام آهوجا جو جنم پهرين جون 1945ع تي مدئجي شهر، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فضل احمد بچاڻي
پانڌي خان لغاري اول
چاڳلي (مائي چاڳلي)
سنتوش ڪمار
شاھہ اسماعيل صفوي
ميرڪ عبدالرحمان ٺٽوي
جلال محمد مخدوم2
اسماعيل موندرو
مولانا قاضي عبدالقادرسرهيو
ارباب فيض محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون