شيث عه: حضرت آدم عليہ السلام جو ٽيون نمبر پٽ حضرت شيث عليہ السلام. لفظ شيث جي معنيٰ آهي ﷲ جي بخشش يا عطا يعني ڏات.حضرت شيث، هابيل جي قتل ٿيڻ بعد پنجن سالن کانپوءِ ڄائو، جڏهن سندس پيءُ آدم عليہ السلام جي عمر 120 سال هئي ۽ جڏهن قابيل، هابيل کي ماري وڌو تہ آدم عليہ السلام کي ان جو گهڻو صدمو رسيو، ان ڪري ﷲ تعالى ان کي نعم البدل طور پٽ ڏنو. ان مناسبت سان ان جو نالو شيث عليہ السلام يعني ﷲ تعالى جو عطيو رکيائين. ابنِ اثير جي سمجهاڻي مطابق شيث عه ﷲ تعالى جو نبي هو، جنهن تي پنجاھہ صحيفا نازل ٿيا. حضرت آدم عليہ السلام پنھنجي فوت ٿيڻ کان اڳ کيس پنهنجو وارث ۽ وصي مقرر ڪيو هو. هي شيث عه ئي هو، جنهن کان انساني نسل هليو. ڇو تہ هابيل بنا اولاد جي قتل ٿي ويو ۽ قابيل جا سڀ وارث ٻوڏ ۾ ٻڏي مري ويا. اُن انهن صحيفن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيو، جيڪي هن تي ۽ سندس والد حضرت آدم عليہ السلام تي لٿا. ان ڪعبة ﷲ شريف کي پٿرن ۽ چيڪي مٽي سان ٺاهيو. ان جي وفات کانپوءِ سندس پُٽ ‘انوش’ اُن جي پڳ سنڀالي. سندس عمر 921 سال ٻڌائي وڃي ٿي. حضرت آدم کي ڏاڙهي نہ هئي ۽ حضرت شيث کي ڏاڙهي هئي ۽ کيس ‘اورپا’ بہ سڏيو ويندو هو. انهيءَ سرياني لفظ جي معنيٰ ‘استاد’ ڪئي وڃي ٿي.