شيخ

شيخ (ذات): ‘ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا’ موجب لفظ ‘شيخ’ جي معنيٰ آهي: ‘بزرگ، قاضي، وڏي رتبي وارو’ وغيره. شيخ هڪ عربي لفظ آهي، جنهن جا ٻه قسم آهن، هڪڙا بزرگ ۽ درويش جيڪي ايران کان آيل آهن، ٻيا غير مسلمانن مان نوان مسلمان ٿيل آهن، اهي سڀ ذات جا ‘شيخ’ سڏجن ٿا. ‘Encyclopedia of Indian Tribes and Castes’ جي مصنف ايس. ايم چنا موجب شيخ لفظ جي معنيٰ آهي ‘وڏو يا سردار’. شيخ، اسلام جا سڀ ارڪان ادا ڪن ٿا، پر اهي شيخ جيڪي تازا مسلمان ٿيا آهن، سي ڪجهه هندن واريون رسمون به جاري رکيو اچن. مٿئين ڪتاب جي صفحي 607 موجب شيخ اصل ۾ عربن جو لقب آهي، جيڪو پنجاب جي چوڌري ۽ سنڌ جي چڱي مڙس جي برابر آهي. ڪن هندو ذاتين مسلمان ٿيڻ کانپوءِ به پنهنجي اصل ذات کي برقرار رکيو، جن ۾ راجپوت ۽ جت اهم آهن. سر ڊينزل ابٽسن ڪيترن هندن مان مسلمان ٿيل راجپوتن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي ڪورڪو ڪم ڪن ٿا، پر سڏرائين راجپوت ٿا. گجرات ۾ ڪيترن مسلمان هنرمندن کي ‘شيخ’ سڏيو وڃي ٿو. بلوچستان گزيٽيئر جي مصنف پروفيسر امير انور رومان، صفحي 397 تي لکيو آهي ته شيخ هڪ مخلوط قبيلو آهي. هي سنڌ ۽ پنجاب ۾ نوان مسلمان آهن. لاسي سندن ايتري ئي عزت ڪن ٿا، جيتري بلوچ، بروهي ۽ پٺاڻ سيدن جي ڪن. شيخ، انهن قبيلن وٽ غيبي طاقت جا مالڪ سمجهيا وڃن ٿا. ائين سمجهيو وڃي ٿو ته شيخ سندن فصلن کي لڳندڙ بيمارين جا محافظ آهن. شيخن جا ٻيا پاڙا همراڻي، محمود، لکا ۽ ڪهيري آهن جن مان ڪهيرين کي نج عربي نسل جو سمجهيو وڃي ٿو. ڊينزل ابٽسن جي اردوءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب ‘پنجاب ڪي ذاتين’ (ترجمو: ياسر جواد) ۾ شيخ ذات بابت تفصيل سان لکيل آهي. سندس لکڻ موجب ڪن علائقن ۾ شيخن جو ڪردار مشڪوڪ آهي. روهتڪ ۾ هو انگريز فوج ۽ جيلن جا محافظ ڀرتي ڪرائيندا آهن، جڏهن ته ديره اسماعيل خان ۾ نو مسلم شيخ ڪاهل، غير ڪفايت شعار ۽ هاري آهن. پر پنجاب جي اتر- اولهه وارن هنڌن جا شيخ پاڻ کي قريشي سڏرائين ٿا. حضرت بهاؤ الدين جو اولاد پاڻ کي هاشمي قريشي سڏرائي ٿو. ليکڪ ڊينزل ابٽسن شيخن جا پاڙا ڏٺا آهن، جن ۾ قريشي، نو مسلم، انصاري، مهاجرين، هانس کڳا، نيڪوڪار، جهنڊير، سرائي ۽ ميانه اچي وڃن ٿا. دهوار بروهين جي هڪ پاڙي جو نالو شيخ آهي، جيڪي ايران کان آيل آهن. باگڙين جي هڪ پاڙي جو نالو به شيخ آهي.


لفظ شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو