شيخاڻي (ذات): هي نسلي طور بلوچ آهن. شيخاڻي، گورچاڻي بلوچن جو هڪ پاڙو آهي. هنن مان سنڌ ۾ بہ ڪيترائي آباد آهن. بلوچستان جي زيارت شھر ۾ هن ذات جو وڏو تعداد رهائش پذير آهي. زيارت ۾ هنن لاءِ مشھور آهي ته، اتي آباد خان ڪلپرن جي باڪلاڻي پاڙي مان هڪ ثانوي پاڙو شيخاڻي آهي. گورچاڻي بلوچن واري شيخاڻي نک جا بڪراڻي، ٻيراڻي، بابولاڻي، جلباڻي، دوداڻي، شيخاڻي، مٺاڻي، منڪاڻي، ماڻڪاڻي، ميهاڻي، ميراڻي ثانوي پاڙا آهن. شيخاڻي پاڙو چانڊين ۽ چاچڙن جي قبيلن ۾ بہ آهي. ايس صادق علي پنھنجي تحقيق ۾ هيءَ ذات مگسي قبيلي جي نک مان ڄاڻائي آهي.