شيخ ابراهيم بن عمر سنڌي

شيخ ابراهيم بن عمر سنڌي: همايون بادشاھہ جي دور ۾ جڏهن سنڌ ۾ افراتفريءَ جو دور شروع ٿيو، تڏهن شيخ ابراهيم وطن مان لڏي اچي برهانپور ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هن بزرگ جو احوال ‘گلزار ابرار’ کان سواءِ ڪنهن بہ تذڪري ۾ نہ ٿو ملي. شيخ ابراهيم دنيا کان بي نياز، گمنامي پسند ۽ گوشه نشين درويش هو. هي برهانپور ۾ آباديءَ کان پري اتر طرف توڪل، زهد ۽ رياضت ۾ مصروف رهندو هو. هن مبارڪ شاھہ فاروقيءَ (متوفي: 974ھہ/ 1566ع) جي دور ۾ وفات ڪئي. اڪثر اهو ڄاڻائين ٿا تہ شيخ ابراهيم ڏهين صدي هجريءَ جي ستين ڏهاڪي ۾ وفات ڪئي. هن جي مزار مرجع خاص و عام آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو