شيخ ابراهيم ڪلهوڙو: سنڌ مان هجرت ڪري برهانپور ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ ۾ شيخ ابراهيم ڪلهوڙي کي ٻين کان نسبتاً قدامت حاصل آهي. هي ڏهين صدي هجريءَ/ سورهين صدي عيسويءَ جي آغاز ۾ برهانپور ۾ موجود هو. شيخ ابراهيم ڪلهوڙو عالم فاضل هجڻ سان گڏوگڏ شريعت جو پابند ۽ تقويٰ شعار هو. روحاني دنيا ۾ کيس وڏو عرفان حاصل هو. دنياداريءَ کان اڪثر پري رهندو هو ۽ برهانپور جي اتر طرف نديءَ جي پاسي ۾ سندس خانقاھہ هئي. سندس اها ڪرامت وڏي مشھور آهي ته، هو روزانہ ان وقت جا رائج الوقت پنج سئو روپيا غريبن، مسڪينن، يتيمن ۽ اسيرن ۾ ورهائيندو هو، جيڪي هن کي روز غيب مان ملندا هئا. هن جون ڪافي ڪرامتون مشھور آهن.
شيخ ابراهيم ڪلهوڙو پنھنجي دور جو وڏو فيض ڏيندڙ بزرگ هو. سندس فيض ۽ خطابت جي تاثير کان ڪيترائي غير مسلم اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيا. هن 95 سالن جي عمر ۾ 956ھہ/ 1549ع ۾ وفات ڪئي، پر ‘تذڪره مشاهير سنڌ’ ۾ مولانا دين محمد وفائيءَ هن جي وفات جو سن 941ھہ/ 1534ع ڄاڻايو آهي. کيس برهانپور ۾ سندس خانقاھہ ۾ ئي دفن ڪيو ويو، جتي هر عام و خاص سندس مزار جي زيارت لاءِ ايندا آهن. برهانپور جا ماڻهو لفظ ‘ڪلهوڙا’ جي تلفظ جي اصليت کان بي خبر هئڻ ڪري، هن کي ابراهيم شاھہ ڪلهوڙي بدران ابراهيم شاھہ ڪروڙي (ڪروڙپتي) چوندا آهن ۽ دليل طور اهو چوندا آهن تہ هي درويش ڪروڙپتي هو، تڏهن تہ 50- 60 سالن تائين پنج سئو روپيا روز مستحقن ۾ تقسيم ڪندو هو ۽ ڪڏهن بہ معمول ۾ فرق نہ آيو.