شيخ ارشاد

شيخ ارشاد

شيخ ارشاد

شيخ ارشاد: نوجوان شاعر ۽ نثرنويس شيخ ارشاد، پهرين جون 1983ع تي سکر شھر ۾ رحيم بخش شيخ جي گهر ۾ جنم ورتو. انٽر پاس ڪرڻ بعد پرائيويٽ بي. اي ڪيائين. شيخ ارشاد جو شعر توڙي نثر سنڌ جي مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي، هن ‘دوست پبليڪيشن’ جو بنياد وڌو، جنهن تحت سماجي، ادبي، سياسي ۽ صوفي شاعرن بابت ‘دوست پبليڪيشن’ جا 18 شمارا شايع ڪري چڪو آهي. شيخ ارشاد هن وقت تائين ٽي ڪتاب تيار ڪري چڪو آهي: (1) ‘گهاٽ گهاٽ تي لاٽ’، (2) ‘ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ سکر ڄايا’ ۽ (3) ‘سکر ڄايا’ (100 شاعرن جي ڪلام تي تبصري، خاڪن ۽ مقالن جو ڪتاب) ضلعي حڪومت سکر طرفان زير اشاعت اٿس. شيخ ارشاد، تعليمي بورڊ سکر ۾ ملازم آهي.


لفظ شيخ ارشادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1983.06.01  عيسوي

نوجوان شاعر ۽ نثرنويس شيخ ارشاد، پهرين جون 1983ع تي سکر شهر ۾ رحيم بخش شيخ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا پارکو شارح ۽ مترجم1
ابو طالب
اختر ڪاڪيپوٽو
آسودارام سَنت
خالد بن عبدالعزيز
الھرکيو ٻٽ ڊاڪٽر
جينت ريلواڻي
علي گوهر خان مھر اول
پنوشي
آرائين منصور الحق
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون