شيخ الاسلام لقب

شيخ الاسلام (لقب): هيءُ انهن اعزازي لقبن مان آهي، جيڪي چوٿين صدي هجريءَ جي آخر ۾ اختيار ڪيا ويا. اسلام سان جڙيل ڪجهه ٻيا لقب، مثال طور: ‘غزالاسلام’، ‘جلال الاسلام’، ‘سيف الاسلام’ وغيرہ انهن ماڻهن اختيار ڪيا، جيڪي گهڻو ڪري دنياوي اقتدار رکندڙ هئا، پر الاسلام لقب'>شيخ الاسلام لقب صرف عالمن ۽ ڪڏهن ڪڏهن صوفين لاءِ خاص هو. ‘شيخ الفتيا’ جو لقب بہ ڪجهہ قدر عام هو، پر سڀني کان وڌيڪ لقب ‘شيخ الاسلام’ ئي استعمال ٿيو آهي. پنجين صدي هجريءَ ۾ خراسان جي اسماعيل بن عبدالرحمٰن کي اتان جا سني ‘شيخ الاسلام’ چوندا هئا. انهيءَ ئي دور ۾ صوبي ابو اسماعيل انصاري انهيءَ لقب جو دعويدار هو. ڇهين صدي هجريءَ ۾ فخرالدين رازي پاڻ کي شيخ الاسلام سڏرايو. شام ۽ مصر ۾ شيخ الاسلام هڪ اعزازي لقب ٿي ويو، جيڪو فقط انهن فقيهن کي ڏنو ويندو هو، جيڪي فتوى ڏيڻ جا ماهر سمجهيا ويندا هئا. ايران ۾ شيخ الاسلام جو لقب عدالتي منصب طور قرار ڏنو ويو آهي. هن لقب کي وڌيڪ شھرت ان وقت ملي، جڏهن ان جو اطلاق خاص طور تي قسطنطنيه جي مفتي اعظم تي ٿيڻ لڳو. ان جو سبب ان وقت اتان جي اسلامي حاڪمن تي عالمن ۽ فاضلن جو اثر رسوخ تمام گهڻو هو، جنهن جو مثال ٻيو ڪٿي بہ نٿو ملي. ان وقت شيخ الاسلام جي سياسي ۽ مذهبي حيثيت نهايت احترام ۽ اعزاز جي حقدار هئي. ليڪن جيئن جيئن سلطانن ۽ حڪمرانن سان گڏوگڏ عام معاشري ۾ انهن عالمن جي دينوي مشغولي وڌندي وئي، تيئن تيئن انهن (الاسلام لقب'>شيخ الاسلام لقب حاصل ڪندڙن) جا اثر ۽ رسوخ بہ گهٽ ٿيندا ويا. ان هوندي بہ عوام ۾ انهن جو احترام ڪنهن حد تائين برقرار رهيو. ڪئناڊا جي شھريت رکندڙ پاڪستاني عالم علامہ ڊاڪٽر طاهر القادري بہ پاڻ کي هن وقت شيخ الاسلام سڏائي رهيو آهي.


لفظ شيخ الاسلام لقبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو