شيخ الاسلام لقب

شيخ الاسلام (لقب): هيءُ انهن اعزازي لقبن مان آهي، جيڪي چوٿين صدي هجريءَ جي آخر ۾ اختيار ڪيا ويا. اسلام سان جڙيل ڪجھه ٻيا لقب، مثال طور: ‘غزالاسلام’، ‘جلال الاسلام’، ‘سيف الاسلام’ وغيره انهن ماڻهن اختيار ڪيا، جيڪي گھڻو ڪري دنياوي اقتدار رکندڙ هئا، پر الاسلام لقب'>شيخ الاسلام لقب صرف عالمن ۽ ڪڏهن ڪڏهن صوفين لاءِ خاص هو. ‘شيخ الفتيا’ جو لقب به ڪجهه قدر عام هو، پر سڀني کان وڌيڪ لقب ‘شيخ الاسلام’ ئي استعمال ٿيو آهي. پنجين صدي هجريءَ ۾ خراسان جي اسماعيل بن عبدالرحمٰن کي اتان جا سني ‘شيخ الاسلام’ چوندا هئا. انهيءَ ئي دور ۾ صوبي ابو اسماعيل انصاري انهيءَ لقب جو دعويدار هو. ڇهين صدي هجريءَ ۾ فخرالدين رازي پاڻ کي شيخ الاسلام سڏرايو. شام ۽ مصر ۾ شيخ الاسلام هڪ اعزازي لقب ٿي ويو، جيڪو فقط انهن فقيهن کي ڏنو ويندو هو، جيڪي فتوى ڏيڻ جا ماهر سمجھيا ويندا هئا. ايران ۾ شيخ الاسلام جو لقب عدالتي منصب طور قرار ڏنو ويو آهي. هن لقب کي وڌيڪ شهرت ان وقت ملي، جڏهن ان جو اطلاق خاص طور تي قسطنطنيه جي مفتي اعظم تي ٿيڻ لڳو. ان جو سبب ان وقت اتان جي اسلامي حاڪمن تي عالمن ۽ فاضلن جو اثر رسوخ تمام گھڻو هو، جنهن جو مثال ٻيو ڪٿي به نٿو ملي. ان وقت شيخ الاسلام جي سياسي ۽ مذهبي حيثيت نهايت احترام ۽ اعزاز جي حقدار هئي. ليڪن جيئن جيئن سلطانن ۽ حڪمرانن سان گڏوگڏ عام معاشري ۾ انهن عالمن جي دينوي مشغولي وڌندي وئي، تيئن تيئن انهن (الاسلام لقب'>شيخ الاسلام لقب حاصل ڪندڙن) جا اثر ۽ رسوخ به گھٽ ٿيندا ويا. ان هوندي به عوام ۾ انهن جو احترام ڪنهن حد تائين برقرار رهيو. ڪئناڊا جي شهريت رکندڙ پاڪستاني عالم علامه ڊاڪٽر طاهر القادري به پاڻ کي هن وقت شيخ الاسلام سڏائي رهيو آهي.


لفظ شيخ الاسلام لقبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو