شيخ الڀو ٺٽوي : سندس اصل نالو ڄام مارک هو. پر ڄام مارک مان اڳتي هلي مرگهہ بڻجي ويو، جنهن جي معنيٰ آهي هرڻ. سنڌ جي عادل بادشاھہ ڄام نظام الدين خان سمي جو ناٺي ۽ ڀاڻيجو، هڪ وڏو امير ۽ سيد حسين شيرازي جي فيض يافتن مان هو. روايت آهي تہ سيد حسين شيرازيءَ جي مسجد لڳ هندن جو مندر هو، جنهن جي گهنڊن گهڙيالن وڄڻ سبب نمازين جي يڪسوئي ۾ خلل پوندو هو. سيد صاحب انهي مندر کي کڻائڻ جو حڪم ڪيو. جنهن تي هندن ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي درٻار ۾ دانهن ڏني. اصل معاملي جي تحقيقات لاءِ ڄام صاحب جن ماڻهن کي سيد صاحب ڏانهن روانو ڪيو، تن ۾ ڄام مرگهہ بہ هو. سيد جي خدمت ۾ پهچڻ کان پوءِ ڄام مرگهہ توجھہ سان تارڪ الدنيا بنجي هميشہ لاءِ سيد صاحب جي خدمت ۾ رهجي ويو. جڏهن ڪافي دير ٿي وئي تڏهن ڄام نندي پنھنجي خزانچي ديوان لڪسير کي سيد حسين شاھہ شيرازي ڏانهن موڪليو، ديوان لڪسير پڻ سيد کان گهڻو متاثر ٿيو، پر عرض ڪيائين تہ مندر هتان هٽايو ويندو پر ان لاءِ ڪا جاءِ ڏني وڃي ۽ پوءِ لڪسير پنھنجي پٽ ديوان مولي جي ناموريءَ جي دعا لاءِ سيد کي عرض ڪيو. سيد حسين هن کي دعا ڪئي ۽ روايت آهي تہ انهيءَ دعا جي ڪري ديوان لڪسير جو پٽ تمام گهڻو مشھور ٿيو. اڄ بہ ٺٽي ۾ چون ٿا تہ مولي جي نالي سان هڪ محلو مشھور آهي، پر ڪن روايتن ۾ ائين بہ آهي تہ پاڻ پنهنجو آستانو ٻي هنڌ وڃي اڏيائين ۽ چيائين تہ ﷲ جي نيڪ بندن مان مخلوق خدا ناراض نہ ٿئي. روايت آهي تہ: هڪ دفعي پيشاب ڪندي، پنھنجي اڳيان سون جي واهي وهندي ڏٺائين، جنهن تي مٽي ۽ پٿر وجهي هن کي پورڻ لڳو. جڏهن سندس مرشد کي اها سڌ پئي، تڏهن کيس اُلڀو جو لقب ڏنائون. الڀو يعني. لوڀ کان سواءِ بي طمع. ان کان پوءِ اڄ تائين انهيءَ لقب سان مشھور آهي. هڪ دفعي حضورصلي ﷲ عليہ وسلم جو خواب ۾ ديدار ٿيس. فرمايائون تون اسان کي پيارو آهين. عرض ڪيائين، سائين ڪهڙن لڇڻن ڪري؟ فرمان ٿيس تہ تو منهنجي سنت جي تابعداري ڪئي آهي، بزرگن جو ادب ڪندو آهين، اهل بيت سان محبت رکندو آهين، تنهن ڪري تو کي اهو درجو مليو آهي. هڪ دفعي حضرت علي عليہ السلام کي خواب ۾ عرض ڪيائين تہ مون کي نصيحت ڪريو. پاڻ فرمايائون تہ دولت مندن جي درويش سان مهرباني ۽ شفقت ڏاڍي سھڻي آهي، جنهن ڪري بنا لالچ، ثواب خاطر ڪندا رهن، پر درويشن کي اميرن کان ﷲ ڪارڻ بيپرواھہ رهڻ اُن کان بہ ڀلو آهي. هي امير درويش ابدال 63 سالن جي ڄمار کي پهچي، پنھنجي مرشد جي حياتي ۾ هن دنيا مان پهرين ذي الحج 885 ھہ/ 1480ع ۾ رحلت ڪري ويو. سندس مقبرو هن وقت ٺٽي جي ٻاهرئين ناڪي جي ڀرسان آهي.