شيخ بايزيد عرف شيخ بايد جي درگاھہ

شيخ بايزيد عرف شيخ بايد جي درگاھہ: بزرگ شيخ بايزيد عرف شيخ بايد بن شيخ آچر، نصرپور شھر جي آڳاٽن اوليائن مان ٿي گذريو آهي. هن بزرگ بابت ڪو بہ صحيح ۽ مستند احوال ڪونه ٿو ملي. فقط روايتون ملن ٿيون، جن جي بنياد تي محققن جو خيال آهي تہ هيءُ بزرگ ستين صدي هجريءَ ڌاري ٿي گذريو آهي. ڪن راوين جي خيال ۾ هيءَ بزرگ سنڌ جو نہ هو، عرب جو وڏو واپاري هو ۽ ستين هجريءَ ڌاري، واپار سانگي نصرپور ۾ اچي رهيو. سندس وفات نصرپور ۾ ٿي. ڪن راوين جو خيال آهي تہ هن بزرگ جو موت زهر پيئڻ سبب ٿيو. جڏهن تہ ڪوبه راوي زهر پيئڻ جو سبب بيان نہ ڪري سگهيو آهي. هي بزرگ نصرپور شھر جي اتر ۾ اٽڪل سوا ميل کن جي پنڌ تي مدفون آهي. مزار مٿان قبو تعمير ٿيل آهي، جيڪو هن وقت تمام ڀڄي ڀُري پيو آهي. ڪن راوين جو خيال آهي تہ نصرپور جو پراڻو شھر سندس قبي جي ڀرپاسي آباد هو، جيڪو درياھہ جي اُٿل يا ڪن ٻين سببن جي ڪري ڦِٽي ويو ۽ شھر جو اهو حصو برباد ٿي ويو، جيڪو گهڻي ڀاڱي هن وقت زرعي آباديءَ هيٺ آهي. شيخ بايزيد عرف بايد جي درگاھہ عام و خاص لاءِ زيارت جو مرڪز آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو