شيخ توهدن دمياري: بزرگ شيخ تودهن دمياري، نصرپور جي ڪامل ولين مان هو. سندس درگاھہ نصرپور کان ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي بڪيرن طرف آهي، جيڪا زيارتين جو مرڪز بڻيل آهي. نامور محقق مير علي شير قانع ٺٽويءَ پنھنجي ڪتاب ‘تحفة الڪرام’ ۾ لکيو آهي ته، “شيخ تودهن دمياري پنھنجي وقت جو هڪ وڏو ڪامل پير هو.” جڏهن تہ نامور ليکڪ ميرزا قليچ بيگ پنھنجي ڪتاب ‘قديم سنڌ، ان جا مشھور شھر ۽ ماڻهو’ ۾ هن بزرگ جو نالو ‘شيخ توڌس’ ڄاڻايو آهي.