شيخ ثناءُ ﷲ

شيخ، ثناءُ : سماجي اڳواڻ ثناءُ ولد قائم الدين شيخ، 4 جون 1927ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. ننڍپڻ کان وٺي کيس تعليم جي حصول ۽ ادب سان گهڻو لڳاءُ هو. سندس خاندان جي علمي ذوق ۽ سماجي شعور هن ۾ ذهني جاڳرتا آندي. شڪارپور ۾ ‘مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن’ جو سرگرم ڪارڪن ۽ ‘مولانا محمد علي جوهر لائبرريءَ’ جو انچارج رهيو. پرڏيهي ڪهاڻيون ترجمو ڪري شيخ اياز جي ادارت ۾ شايع ٿيل ماهوار رسالي ‘اڳتي قدم’ ۾ شايع ڪرايائين. 64-1963ع ۾ ‘سنڌي ادبي سنگت’ شاخ شڪارپور جو سيڪريٽري بہ رهيو.
ثناءُ شيخ هن وقت سنڌ ۾ هڪ سٺي سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ڪيترو عرصو سگا شڪارپور جو صدر ۽ شھر سڌار تنظيم جو سيڪريٽري بہ رهيو. هو ڪيترين سماجي تنظيمن جو باني ۽ سرپرست رهيو آهي. 1979ع کان ‘سنڌي ليکڪ يادگار ڪاميٽي شڪارپور’ جي سرپرست جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. 1978ع ۾ تعليم کاتي مان اعليٰ عهدي تان رٽائر ٿيو ۽ هن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو ۽ پنھنجي زندگي سماجي خدمتن ۾ گذاري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.06.04  عيسوي

سماجي اڳواڻ ثناءُ الله ولد قائم الدين شيخ، 4 جون 1927ع تي شڪارپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رسول بخش پليجو
سيٺ ٺاڪرداس گولومل
ڊاڪٽر ڊرئگو
ايوب خان
گوتم ڇاٻڙيا شڪارپوري
چي گويرا
جعفر بن يحيٰ بن خالد ابن برمڪي
دريانو مل
ادا قاضي
سوامي تلوڪداس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون