شيخ جيئو

شيخ جيئو: هيءُ ناليوارو بزرگ ٿي گذريو آهي. هن جي والد جو نالو شيخ نعمت هو. سندس شجرو شيخ بھاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ سان ملي ٿو. هن جو والد بزرگ سمن جي پوئين دور ۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ اتي مستقل رهائش اختيار ڪيائين. ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو تہ شيخ نعمت وڏي ڪرامت ۽ ڪمال جو بزرگ هو. شيخ جيئو بہ پنھنجي والد وانگر وڏو پرهيزگار ۽ ڪرامت وارو هو. ولايت ۽ عرفان جي ڪمال سبب سندس لقب ’چراغ مڪلي‘ مشھور ٿيو. کيس سنڌي ٻوليءَ ۾ ’شيخ جيئو، مڪليءَ جو ڏيئو‘ سڏيو ويندو آهي. هن جي مزار جي مٿان وڏو مقبرو جڙيل آهي، جنهن جي اندر ڪيتريون ئي قبرون آهن، مقبري جي چؤڌاري وڏو قبرستان آهي، هر مهيني جي پهرئين سومر تي سندس مزار تي ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ لنگر هلايو ويندو آهي ۽ صوفياڻو راڳ پڻ ٿيندو آهي.


لفظ شيخ جيئوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو