شيخ جھان امير

شيخ جھان امير: هيءُ ڪلهوڙن جي دور ۾ مغل شهنشاھہ طرفان ميان دين محمد ڪلهوڙي تي ڪاهي آيو هو، ميان نصير محمد خان ڪلهوڙي جي وفات کانپوءِ دين محمد ڪلهوڙو گاديءَ تي ويٺو. جنهن بعد ڪلهوڙن جي فقيرن ميان نصير خان جي دور ۾ ڦرجي ويل پرڳڻن کي واپس وٺڻ شروع ڪيو. جڏهن ميان دين محمد پنهورن جي شھر فتحپور تي قبضو ڪيو، تڏهن مير پنهور مغل شھزادي کي وڃي دانهن ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ سبيءَ جي حاڪم پنھنجي خاص ڪارندي ميرزا خان پني کي پنهورن جي مدد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ميرزا خان پني ڪيترائي دفعا ميان دين محمد کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نہ ٿيو. آخر درٻار طرفان امير شيخ جھان کي سرائي فقيرن کي مات ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. امير شيخ جھان کي مقامي حالتن جو ڪوبه اندازو نہ هو، سو هن طاقت جي غرور ۾ پنهورن جي سردار جي چوڻ تي سرائي فقيرن تي حملو ڪري ڏنو. سراين جي طرف کان فيروز ويراڙ، جنهن نوشهري فيروز جو شھر ٻڌرايو هو، حملا آورن تي ڳيريلي وٽ اوچتو رات جو اهڙو تہ زبردست حملو ڪيو، جو دشمن جي سڄي فوج هراس ۾ پئجي وئي. انهيءَ وچ ۾ ميان دين محمد ڪلهوڙي کاري کان وڌيڪ لشڪر فيروز ويراڙ جي مدد لاءِ موڪلي ڏنو. شاهي فوج سراين جي لشڪر کان ٻيڻي هئي، تنهن هوندي بہ سراين، مغلن جي فوج کي بري طرح شڪست ڏئي، سندس سپھہ سالار امير شيخ جھان کي قتل ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ الهيار خان حملو ڪيو، پر ان کي بہ سراين شڪست ڏني ۽ پنهورن جي شھر فتحپور تي قبضو مضبوط ڪري ورتو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو