شيخ حامد گنج بخش: جڏهن سنڌ جي دائودپوٽن ۽ سيوهڻ جي بختيار خان جي وچ ۾ ڪشمڪش پيدا ٿي، تڏهن اُچ جي جيلاني بزرگ شيخ حامد گنج بخش، جنهن جا دائودپوٽا ۽ بختيار خان وڏا عقيدتمند هئا، خود سنڌ آيو ۽ ٻنهي ڌرين ۾ صلح ڪرائڻ جون تمام گهڻيون ڪوششون ورتائين، پر بختيار خان پنهنجي ضد تان نه لٿو. شيخ حامد جو خانداني شجرو شيخ عبدالقادر جيلانيءَ سان ملي ٿو.