شيخ خضر سيوستاني : بزرگ شيخ خضر قادري طريقي جو وڏو پير، پرهيزگار ۽ تارڪ الدنيا انسان هو. هي سيوهڻ جي قبرستان ۽ يڪ ٿنڀي واري ٽڪريءَ تي وڃي عبادت ڪندو هو. اتي هڪ تنور لڳايائين، جنهن ۾ ماني پچائڻ جي نوبت ڪڏهن به نه آئي. سياري جي مند ۾ انهيءَ تنور ۾ ويهي عبادت الاهي ڪندو هو. انهيءَ هنڌ تي تنور جا نشان اڃا تائين موجود آهن، جتي بودلي بهار جا فقير روٽ پچائي، 21 رجب تي لعل شهباز قلندر جي ميلي جو آغاز ڪندا آهن. شيخ خضر گرميءَ ۾ هڪ پٿر جي مٿان ويهي ذڪر ڪندو هو، گرمي ۽ سرديءَ ۾ فقط گوڏ پائي اوگھڙ ڍڪيندو هو. بک جي حالت ۾ ڀرسان بيٺل ٻوٽن ۽ وڻن جا پن کائي پيٽ پاليندو هو. ڪڏهن ڪڏهن شهر ايندو هو ۽ مرشد حضرت لعل شهباز قلندر جي زيارت ڪندو هو، هن کي قادري طريقو به لعل شهباز قلندر کان ئي مليل هو، ان ڪري ان طريقي جي پرچار ڪيائين. سندس طريقت جو سلسلو هن طرح هو: شيخ خضر سيوستاني، مريد شاهه سڪندر، مريد شيرالاولياءَ خواجه حاتي، مريد سيد علي قادري، مريد عثمان مروندي شاهه جمال، مريد شيخ ابو اسحاق ابراهيم، مريد مرتضى سبحاني، مريد بن مبارڪ، مريد شيخ عبدالقادر جيلاني. محمد دارا شڪوهه ڪتاب ’سفينة الاولياءَ ۾ لکيو آهي ته: ”هڪ ڏينهن سيوهڻ جو حاڪم زيارت لاءِ شيخ خضر جي خدمت ۾ آيو، ڏٺائين ته بزرگ سخت ڪاڙهي ۾ گرم پٿر تي مراقبو ڪيو ويٺو آهي. حاڪم ويجھو وڃي اهڙيءَ طرح بيٺو، جو پاڇو شيخ تي پوڻ لڳو. شيخ ڪنڌ مٿي ڪري پڇيو ته ڪير آهين؟ حاڪم جواب ڏنو ته مان توهان جي زيارت لاءِ حاضر ٿيو آهيان ۽ مون تي ڪو ڪم رکو ته ان کي پورو ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان. شيخ فرمايو ته مون کي ڪو به اهڙو ڪم نه آهي، جو اوهان سان واسطو رکندو هجي. حاڪم ان تي ڏاڍي عاجزيءَ سان ٻيهر عرض ڪيو ته شيخ چيو، چڱو جيڪڏهن تون منظور ڪرين ته ڪم چوان ٿو. پهريون ڪم هي آهي ته پنهنجو پاڇو مون تان هٽاءِ، يعني پري ٿي وڃ، ڇاڪاڻ ته جيڪو ماڻهو الله تعالى جي پاڇي ۾ گذاري رهيو آهي، تنهن کي ٻئي ڪنهن به پاڇي جي ضرورت نه آهي. ٻيو ته جتان آيو آهين، اوڏانهن هليو وڃ. حاڪم اتان هٽي پري ٿيو ۽ بزرگ تان پاڇو لهي ويو. ان کانپوءِ حاڪم عرض ڪيو ته اوهان جڏهن الله تعالى جي يادگيريءَ ۾ مشغول ٿيو، تڏهن مون لاءِ دعا گھرندا ڪريو. شيخ چيو ته الله تعالى جي ياد وقت غير خدا به دل ۾ اچي ۽ توکي به ان وقت ياد ڪريان، اهو ناممڪن آهي.“ ڪتاب ’سيرت القادريه‘ جي لکت موجب شيخ خضر سيوستاني 994هه/1585ع ۾ وفات ڪئي.