شيخ زنئور (پاڙو): زنئور/ زئور ذات جو هڪڙو پاڙو ‘شيخ’ سڏبو آهي. زنئور برادريءَ سان تعلق رکندڙ ماڻهو عام طور تي ڳورا چٽا ٿيندا آهن، پر هن پاڙي جا زنئور سانورا آهن. شيخ زنئورن جو هڪ ڳوٺ ‘گل حسن شيخ زنئور’ نالي سان سڏبو آهي. اهو ڳوٺ سُجاول ضلعي جي ميرپوربٺورو شھر کان اڍائي ڪلوميٽر سَر اوڀر طرف کورواھہ روڊ جي کاٻي پاسي موجود آهي.