شيخ صالح سوائيءَ وارو قبرستان: هي گهاڙيون ڪراچيءَ کان اٿل روڊ جي ميل 68 کان ٽي ميل اوڀر رخ تي موجود آهي. هن قبرستان ۾ اوائلي يعني تيرهين صديءَ عيسويءَ جون گهاڙيون موجود آهن، جيڪي ڪلمتي بلوچن جون چيون وڃن ٿيون. هي قبرستان ۽ درگاھہ ڳوٺ چون، تعلقي اٿل، ضلعي لسٻيلي ۾ آهن. درگاھہ صالح سوائيءَ تي ميلو لڳندو آهي. درگاھہ جي ڇاڪاڻ تہ مرمت ٿيندي رهي ٿي، ان لاءِ ان جي قدامت بابت ڪجهہ بہ چئي نٿو سگهجي. نہ وري ڪو ڪتبو لڳل آهي، جو بزرگ بابت يا ان جي دور بابت ڪجهہ چئي سگهجي.