شيخ، عارف: هن لاءِ مشھور آهي تہ کيس فريد شڪر گنج مريد بڻايو ۽ پوءِ بيعت وٺڻ جي اجازت ڏئي روحاني تبليغ لاءِ سيوستان (هاڻوڪي سيوهڻ) موڪليو، جنهن پنھنجي تبليغ سان چشتي سلسلي جو پرچار ڪيو، سندس سيوهڻ ۾ اچڻ جو بيان شيخ عبدالرحمان چشتي پنھنجي لکيل ڪتاب ’تذڪرة الاسرار‘ ۾ پڻ ڪيو آهي، اهو دور شھباز قلندر وارو دؤر هو. ان ڪري شيخ عارف کي قلندر جي همعصرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، ڪجهہ عرصي بعد هن بابا فريد گنج شڪر کي گذارش ڪئي تہ مان خلافت جو بار کڻي نہ ٿو سگهان، ان ڪري واپس ڪريان ٿو، خلافت نامون واپس ڪري مرشد جي اجازت سان مڪي شريف هليو ويو ۽ اتان واپس نہ آيو.
شيخ، عالي: شيخ محمد اعظم پنھنجي ڪتاب ‘تحفة الطاهرين’ ۾ هن بزرگ شيخ عاليءَ جو احوال هن ريت بيان ڪيو آهي تہ: هي بزرگ ڪامل ولي شيخ بھاؤالدين ملتانيءَ جي اولاد مان آهي. شيخ عالي ترخانن سان گڏ سيرسفر ڪندو ٺٽي ۾ پهتو، جتي مير سيد علي شيرازيءَ جو باغ هو. هي نار جو آواز ٻڌي اتي رات رهڻ جي ارادي سان هڪ وڻ هيٺان ترسي پيو. اهو باغ پوءِ سيد علي شيرازي کيس نذراني طور ڏنو جتي هن پنھنجي سموري حياتي بندگي ڪندي گذاريائين.