شيخ، عبدالرئوف: شيخ عبدالرئوف بن محمد فياض بن شيخ زين العابدين صوفي شاهه عنايت جو خليفو ۽ مريد هو. هي شاهه قطب الدين کان ظاهري ۽ باطني تعليم به حاصل ڪري، خلافت خرقه تائين پهتو. ان کان پوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ ڪيترو وقت جهوڪ شريف ۾ رهي شاهه شهيد جي جانشين کان پڻ روحاني فيض حاصل ڪيائين ۽ وڏي مرتبي تي وڃي رسيو. شيخ عبدالرئوف فقر ۾ ايڏو ڪامل ٿيو، جو زماني کان لاتعلق ٿي ويو. نامور محقق پير حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ‘ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون’ ۾ لکي ٿو ته، “جهوڪ مان موٽندي تجل شريف خيرپور مان ڀيرا ڪندو، سورت ۾ انهيءَ سلسلي جي مسند تي مسجد مرجان شاهيءَ ۾ اچي مقيم ٿيو، جتي 19 شعبان 1249هه/1833ع ۾ وفات ڪيائين ۽ پنهنجي والد جي ڀرسان دفن ٿيو.”
شيخ عبدالرئوف کي ٻه پٽ شيخ زين العابدين ۽ محمد عبدالله هئا، جن کي پاڻ سان گڏ سنڌ ۾ وٺي آيو. هتي اچي کين شاهه عزت الله جو مريد ڪيائين. جنهن جي عمر ان وقت سو سال ٿي چڪي هئي. زين العابدين سنڌ کان موٽندي واٽ تي فوت ٿيو. محمد عبدالله خيريت سان سورت پهتو. سندس وصال پيءُ جي جيئري سال 1246هه/1830ع ۾ وبائي مرض وگهي ٿيو ۽ ساڳي مسجد مرجان واري قبرستان ۾ کيس دفن ڪيو ويو.