شيخ، عبدالرئوف: شيخ عبدالرئوف بن محمد فياض بن شيخ زين العابدين صوفي شاھہ عنايت جو خليفو ۽ مريد هو. هي شاھہ قطب الدين کان ظاهري ۽ باطني تعليم بہ حاصل ڪري، خلافت خرقه تائين پهتو. ان کان پوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ ڪيترو وقت جهوڪ شريف ۾ رهي شاھہ شھيد جي جانشين کان پڻ روحاني فيض حاصل ڪيائين ۽ وڏي مرتبي تي وڃي رسيو. شيخ عبدالرئوف فقر ۾ ايڏو ڪامل ٿيو، جو زماني کان لاتعلق ٿي ويو. نامور محقق پير حسام الدين راشدي پنھنجي ڪتاب ‘ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون’ ۾ لکي ٿو ته، “جهوڪ مان موٽندي تجل شريف خيرپور مان ڀيرا ڪندو، سورت ۾ انهيءَ سلسلي جي مسند تي مسجد مرجان شاهيءَ ۾ اچي مقيم ٿيو، جتي 19 شعبان 1249ھہ/1833ع ۾ وفات ڪيائين ۽ پنھنجي والد جي ڀرسان دفن ٿيو.”
شيخ عبدالرئوف کي ٻہ پٽ شيخ زين العابدين ۽ محمد عبدالله هئا، جن کي پاڻ سان گڏ سنڌ ۾ وٺي آيو. هتي اچي کين شاھہ عزت ﷲ جو مريد ڪيائين. جنهن جي عمر ان وقت سو سال ٿي چڪي هئي. زين العابدين سنڌ کان موٽندي واٽ تي فوت ٿيو. محمد عبدالله خيريت سان سورت پهتو. سندس وصال پيءُ جي جيئري سال 1246ھہ/1830ع ۾ وبائي مرض وگهي ٿيو ۽ ساڳي مسجد مرجان واري قبرستان ۾ کيس دفن ڪيو ويو.